گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ٽائون ڪاميٽي لاءِ کدڙي فقير جي مخصوص سيٽ جي اميدوار جي شناختي ڪارڊ ۾ جنس واري خاني ۾ مرد لکيل هئڻ تي سندس فارم رد ڪيو ويو
خبر موجب ٽائون ڪاميٽي گاجي کهاوڙ لاءِ کدڙي فقير جي مخصوص سيٽ لاءِ کدڙي فقير گل محمد ولد علي اڪبر سولنگي جي شناختي ڪارڊ ۾ جنس مرد لکيل هو
فارم رد ٿيڻ تي کدڙي فقير گل محمد احتجاج ڪندي چيو آهي ته مخصوص سيٽ لاءِ کدڙي فقير جي ڪارڊ جو قانون بعد ۾ ٺاهيو ويو آھي، جڏھن ته منهنجو شناختي ڪارڊ ان کان اڳ جو ٺھيل آھي جنهن ۾ منهنجي جنس مرد ڏيکاريل آھي، جنهن سبب منهنجو فارم رد ڪيو ويو آھي