گاسليٽ 4 رپيا 66 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 22 رپيا في لٽر مهانگو

گاسليٽ 4 رپيا 66 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 22 رپيا في لٽر مهانگو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌڪري ڇڏي. پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن کي هڪ هفتي لاءِ برقرار رکيو ويو آهي. مٽي جو تيل 4 رپيا 66 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ان جي نئين قيمت 433 رپيا 40 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. گذريل هفتي به گاسليٽ جي قيمت ۾ 70 رپيا 73 پئسا في ليٽر جو وڏو اضافو ڪيو ويو هو. ساڳئي طرح لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 22 رپيا 3 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 365 رپيا 62 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.