| گاسليٽ 63 رپيا 60 پيسا ۽ جيٽ فيول 74 رپيا 70 پيسا سستو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) لائيٽ ڊيزل، گاسليٽ ۽ جيٽ فيول جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 63 روپيا 60 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جهن کانپوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 365 روپيا 21 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي. اهڙي ريت لائيٽ ڊيزل 28 روپيا 81 پئس في ليٽر سستو ٿيڻ بعد 270 روپيا 51 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي. جيٽ فيول جي قيمت 74 روپيا 70 پئسا گهٽ ٿي وئي آهي جنهن بعد نئين قيمت 396 روپيا 31 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. نيون قيمتون 12 وڳي کان لاڳو ٿيندو.