گانو ڪاپي ڇو ڪيو ؟ فلم “ڌرندر”  جي فلمساز آديته ڌر تي ڪيس پڻ داخل

گانو ڪاپي ڇو ڪيو ؟ فلم “ڌرندر”  جي فلمساز آديته ڌر تي ڪيس پڻ داخل

   ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) باڪس آفيس تي سمورا رڪارڊ ٽوڙيندڙ  بالي ووڊ جي تڪراري فلم ‘ڌرندر’ هاڻي قانوني مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. فلم ڪهاڻي بعد موسيقي تي به آڱريون کڄي رهيون آهن. هڪ هندستاني پروڊڪشن ڪمپني فلمساز آديته ڌر جي بينر ‘بي 62 اسٽوڊيو’ خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. نئون قانوني تڪرار فلم ‘ڌرندر 2’ ۾ پراڻي گيت ‘ترڇي ٽوپي والي’ جي استعمال تي پيدا ٿيو آهي.  هي گيت اصل ۾ 1989 جي فلم ‘دريدو’ ۾ شامل ڪيو ويو هو، جنهن کي ڪلياڻ جي آنند جي ترتيب ڏنو هو، جڏهن ته ٻول آنند بخشي لکيا هئا. پروڊڪشن ڪمپني جو چوڻ آهي ته گاني جو ساڳيو نسخو بنا اجازت جي ڌرندر جي سيڪوئل ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب گاني کي جزوي طور تي فلم جي نئين ٽريڪ ‘رنگ دي لال’ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نوان آواز ۽ ٻول آهن پر ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهو گانو نقالي( ڪاپي) جي ذمري ۾ اچي ٿو.  پروڊڪشن ڪمپني عدالت کي گاني جي وڌيڪ استعمال کي روڪڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ ڪمپني خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اهو ٽريڪ سينيما گهرن، اسٽريمنگ پليٽ فارمن ۽ اشتهاري مهمن ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. قانوني جنگ هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن فلم ڪمرشل طور تي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي، اها رڳو   هندستان ۾ 1,000 ڪروڙ رپيا ڪمائي چڪي آهي.