| “گاڊزيلا ورسز ڪانگ” فيم ڪائيلي هوٽل حادثي ۾ فوت |
لاس اينجلس (ڪلچرل ڊيسڪ) ’گاڊزيلا ورسز ڪانگ‘ فيم هالي ووڊ جي اڀرندڙ اداڪاره ڪائيلي هوٽل ڪار حادثي ۾ فوت ٿي وئي ميڊيا رپورٽن موجب ’گاڊزيلا ورسز ڪانگ‘ ۽ ’گاڊزيلا: دي نيو ايمپائر‘ ۾ ’جيا‘ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره ڪائيلي هوٽل آمريڪي رياست ميري لينڊ ۾ ڪار حادثي ۾ دم ڏنو. اداڪاره جي والد جوشوا هوٽل آمريڪي سائن لينگويج (اشارن جي ٻولي) ۾ لائيو نشريات ذريعي ڌي جي وفات جي تصديق ڪئي، جڏهن ته ’ٽيڪساس اسڪول فار دي ڊيف‘ به کيس خراجِ عقيدت پيش ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو. ڪائيلي هوٽل اهڙي خاندان سان تعلق رکندي هئي جتي ڪيترن ئي نسلن کان گهر ڀاتي ٻڌڻ جي صلاحيت کان محروم (ٻوڙا) رهيا آهن. هن پنهنجي اداڪاريءَ ذريعي وڏي اسڪرين تي ٻڌڻ جي صلاحيت کان محروم ماڻهن جي اثرائتي نمائندگي ڪئي ۽ سڄي دنيا ۾ بي شمار مداحن کي متاثر ڪيو.