| “ گاڊ فادر” جو وڪيل رابرٽ ڊيوول لاڏاڻو ڪري ويو |
لاس اينجلس(ڪلچرل ڊيسڪ) مشهور فلم “دي گاڊ فادر” جو اداڪار رابرٽ ڊيوول 95سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو . رابرٽ فلم ۾ مافيا وڪيل جو ڪردار ادا ڪيو هو. پرڏيهي نيوز ايجنسي مطابق، اداڪار رابرٽ ڊيوول دي گاڊ فادر ۽ اپوڪلپس نائو فلمن جي ڪردارن سبب مشهور ٿيو، ليجنڊ رابرٽ جي زال لوزيانا ڊيوول مڙس جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته مون پنهنجي مڙس کي الوداع چيو، هڪ سٺو دوست ۽ پنهنجي وقت جي عظيم اداڪارن مان هڪ هو، رابرٽ ڊيوول بهترين اداڪاري تي آسڪر پڻ کٽيو، جڏهن ته کيس ٻين ڪيٽيگريز ۾ 6 ڀيرا نامزد ڪيو ويو، 6 ڏهاڪن تي پکڙيل پنهنجي ڪيريئر دوران دوران هن اهم ۽ معاون ڪردارن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، ۽ آخرڪار ڊائريڪٽر پڻ بڻجي ويو.