گاڏيءَ کي ڇو روڪيو: دادو ۾ زميندار مڇرجي پيو، اهلڪارن تي وحشياڻو تشدد، هٿياربند گھليندا رهيا
اپريل 22, 2025
دادو(رپورٽر ) دادو شهر جي موندر ناڪو وٽ سومر جي رات دير سان زميندار نادر جمالي جي گاڏي کي روڪڻ تان زميندار موٽر سائيڪل تي پوليس اهلڪارن سميت خانگي هٿيارن سان مسلح ماڻهن کي ساڻ ڪري ون فائيو پوليس پوسٽ تي حملو ڪري ڏنو، اهلڪارن کي يرغمال بڻائي مٿن وحشياڻو تشدد ڪري ون فائيو جي انچارج اشرف پنهور ۽ جمعدار شاهد علي ۽ ٻين اهلڪارن کي مک روڊ تي هڪ ڪلاڪ تائين گھليو ويو، جنهن سبب ون فاء انچارج اشرف پنهور ، شاهد علي سميت 3 ، اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا ۽ سندن ورديون ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيون ۽ وائرليس سيٽ ، فرنيچر ڀڃي ڇڏيو ۽ اهلڪارن کي پوليس پوسٽ ۾ بند ڪري کين ٻاهران تالو هڻي ڇڏيو ، اهڙي واقعي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ون فاء انچارج اشرف پنهور جي فرياد تي ، 3 پوليس اهلڪارن پي سي وزير جمالي ، پي سي محمد بخش جمالي ، پي سي مهتاب جمالي ، نادر ، خادم جمالي ،صالح ، ستار ، ثاقب جمالي سميت 12 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آء آر داخل ڪئي وئي آهي ، جنهن ۾ فريادي ون فاء انچارج اشرف پنهور ڄاڻايو آهي ته گذريل سومر جي رات دير سان هڪ ڳاڙهي ڪلر جي ڪار تيز رفتاري ۾ آئي ته ان کي بيهڻ لاء هٿ ڏنو پر ڪار نه بيٺي ۽ 10 ، منٽن کانپوء زميندار نادر جمالي ، پنهنجي برادري جي پوليس اهلڪارن سان هٿيارن سان مسلح ماڻهون ساڻ ڪري مٿن وحشياڻو تشدد ڪري يرغمال بڻايو ۽ پوسٽ پوسٽ ۾ ڀڃ ڊاھ ڪئي آهي .
ايف آءِ آر بعد ڇاپو، زميندار جي ڀاءُ عامر سميت 3 گرفتار
دادو: ون فائيو پوليس جي اهلڪارن تي تشدد جي ايف آء آر داخل ڪرڻ کانپوء ڊي ايس پي دادو سلطان چانڊيو ، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور مصطفي پٺاڻ جي ننگراني ۾ پوليس جي وڏن اٽالن ايريگيشن ڪالوني ۾ زميندار نادر جمالي جي بنگلي تي ڇاپو هڻي زميندار جي ڀاء عامر جمالي ، خادم جمالي سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري 2 شڪي موٽر سائيڪلون هٿ ڪري ورتيون آهن ، پوليس تي حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء خونڻ موري ۽ ٻين هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا آهن .
ايس ايس پي دادو حملي ۾ ملوث 3 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو
دادو: دادو ۾ زميندار پاران ون فائيو اهلڪارن تي تشدد جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو. ان ڏس ۾ ايس ايس پي دادو حملي ۾ ملوث 3 ، اهلڪارن محمد بخش جمالي ، وزير جمالي ۽ مهتاب جمالي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.