گاڏين جا شيشا صاف ڪرڻ ۽ معذوري ڏيکاري پنڻ تي 7 سال قيد ۽ 10 لک ڏنڊ: بل منظور
فيبروري 15, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ پنڻ کي انساني اسمگلنگ قرار ڏيڻ لاءِ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام سميت ٽي ترميمي بلز منظور، منظور ٿيندڙ بلن ۾ مهاجرن جي اسمگلنگ جي روڪٿام جو بل ۽ ايميگريشن ترميم بل به شامل آهن. سينيٽ مان پاس ڪيل اوور سيز پاڪستاني پينو فقيرن جي روڪٿام بابت اينٽي هيومن اسمگلنگ ترميمي بل ۾ منظم پنندڙن جي حوالي سان تفيصل بيان ڪيا ويا آهن. بل موجب منظم پنڻ لاءِ ڪنهن کي ڀرتي ڪرڻ، پناهه ڏيڻ، منتقل ڪري اُن کي 7 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي. منظم پنڻ مان مراد آهي ڪنهن شخص کي ڄاڻي واڻي فراڊ، زبردستي پنڻ يا خيرات وصول ڪرڻ ۾ ملوث عوامي هنڌن تي خيرات گهرڻ، وصول ڪرڻ، قسمت جو حال ٻڌائي، ڪرتب ڏيکاري پنڻ، بهاني سان شيون وڪرو ڪرڻ، بار بار گاڏين جون دريون کڙڪائڻ، زبردستي گاڏين جا شيشا صاف ڪرڻ، بظاهر ذريعي معاش بغير ڪنهن عوامي هنڌن تي گهمندو رهڻ، جنهن سان تاثر وڃي ته اهو شخص پني گذارو ڪندو آهي. ڪنهن نجي احاطي ۾ داخل ٿي پنڻ، خيرات وصول ڪرڻ، ڪنهن زخمي، چوٽ، بيماري، معذوري يا نقص ڏيکاري خيرات وٺڻ، پنڻ به منظم پندڙ آهي. پاڻ کي بطور نمائش ٿيڻ ڏيڻ ته جئين پنڻ يا خيرات وصول ڪرڻ ۾ سهولت ٿئي اهو به منظم پنڻ آهي. سينيٽ مان منظور ٿيندڙ هڪ ٻيو بل ايمگريشن ترميم بل ۾ غيرقانوني اميگريشن تي سزائون ۽ جرمانه وڌائڻ جي ترميم شامل ڪئي وئي آهي. جنهن مطابق جيڪو غيرقانوني طور تي اميگريشن ڪندو آهي يا ڪوشش ڪري اُن کي پنج سال سزا ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ هوندو. ڌوڪو ڏئي اميگريشن ڪرائڻ تي راضي ڪرڻ تي سزا ۽ جرمانو ٿيندو. اميگريشن جا جعلي دستاويز ٺاهڻ يا جعلسازيءَ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ سامان رکڻ تي 14 سال قيد 20 لک رپيا ڏنڊ هوندو. نشي آور شين ۽ دٻاءٌ يا ڌوڪي ذريعي ڪنهن شخص کي اميگريشن تي مجبور ڪرڻ 14 14 سال قيد ۽ 20 لک رپيا ڏنڊ هوندو. ٻاهرين ملڪ ملازمت جي لاءِ رقم وصول ڪرڻ تي 14 سال قيد 20 لک رپيا ڏنڊ هوندو. جيڪڏهن سمنڊ پار ملازمت ڏيڻ جو پرموٽر اضاف يچارجز وصول ڪري ته ان کي 20 سال قيد 14 سال ڏنڊ جي سزا هوندي. مهاجرين جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ ترميم بل منظور ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مهاجرين جي اسمگلنگ ڪرڻ واري شخص کي 10 سال قيد، 10 ملين رپيا جرمانو هوندو. مهاجر جي اسمگلنگ جي لاءِ دستاوز تيار ڪرڻ تي 10 سال سزا پنج ملين ڏنڊ هوندو. غيرقانوني طور تي رهائش پذير شخص کي پناهه ڏيڻ واري شخص کي پنج سال سزا قيد ۽ ٻه ملين رپيا جرمانو هوندو. متاثر شخص کي موت، سخت بيماري، زخمي ٿيڻ يا ان سان ظالمانه، غير انساني سلوڪ ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي 14 سال قيد ۽ 10 ملين ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو.