| گاڏين جون نمبر پليٽون مالڪ جي سڃاڻپ ڪارڊ سان سلهاڙجي ويون |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت گاڏين جي نمبر پليٽن کي هاڻي گاڏي بدران مالڪ جي قومي سڃاڻپ ڪارڊ سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب هاڻي نمبر پليٽ مالڪ جي ملڪيت هوندي. گاڏي وڪرو ٿيڻ جي صورت ۾ به مالڪ وٽ برقرار رهندي، مالڪ پنهنجي پراڻي نمبر پليٽ نئين خريد ڪيل گاڏي تي منتقل ڪرائي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن شخص وٽ هڪ کان وڌيڪ گاڏيون هجن ته هر گاڏي لاءِ الڳ نمبر پليٽ جاري ڪئي ويندي، گاڏي جي خريد و وڪري وقت نمبر پليٽ برقرار رکڻ يا تبديل ڪرڻ جو فيصلو خريدار ۽ وڪرو ڪندڙ جي باهمي رضامندي سان ٿيندو، نمبر پليٽ جي منتقلي تي ڪا به اضافي في وصول نه ڪئي ويندي، مالڪ هڪ سال تائين غير فعال نمبر پليٽ پنهنجي وٽ محفوظ رکي سگهي ٿو،