| گجرات جو ڳوٺ جيڪوآفريڪا جو ڏيک ڏئي ٿو!! |
نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي گجرات جي ڳوٺ جمود ۾ گذريل 25 سالن کان آفريڪا جا ماڻهو آباد آهن، جتي انهن هندستاني ماڻهن جي جاءِ تي پنهنجي زندگي گذارڻ شروع ڪري ڏني آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هن ڳوٺ ۾ جڏهن ماڻهو داخل ٿئي ٿو ته ائين لڳي ٿو ڄڻ هو آفريڪا ۾ آيا هجن، ڇو ته هن ڳوٺ جي 80 سيڪڙو آبادي نائيجيريا، گھانا ۽ ڪينيا سميت ٻين افريڪي ملڪن مان روزگار جي ڳولا ۾ هندستان آيلن جي آهي جيڪي هتي ئي آباد ٿي هتان جا ٿي ويا، مقامي ميڊيا موجب جمود ڳوٺ ۾ آباد افريڪي ماڻهو جيڪي سڀ قد جا ڊگها ۽ ڪاري نسل جا آهن، اهي پنهنجي مادري ٻولي جي بدران هندي ۾ ڳالھائين ٿا. ان کان علاوه انهن جي روزمره جي زندگي ۾ ڪيترائي اهڙا معمول آهن جيڪي هندستاني ثقافت سان هم آهنگ آهن، جيئن هوٽلن تي چانهه پيئڻ، گٽڪا يا پان کائڻ، جيڪي هندستان جي ثقافتي حصو آهن، .جمود ۾ آباد افريڪي ڄاوا ماڻهو پنهنجو روزگار هتان جي مڪاني مارڪيٽ ۾ ڪن ٿا، انهن ۾ ڪجهه ماڻهن جو تعلق ڪپڙي، اليڪٽرانڪس، موبائل پارٽس ۽ ڊائمنڊ پالشنگ جي صنعت سان آهي