گجر نالاڪيس:مراد شاهه جي عدالت کان معذرت،متاثرن کي چيڪ ڏيڻ جو حڪم

آگسٽ 17, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه گجر اورنگي نالن جي متاثرن بابت توهين عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو پيش ٿيو

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ماهوار رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت کان معذرت ڪئي، عدالت ايڊوڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته متاثرن جي بحالي ۽ متبادل رھائش بابت ڪھڙا قدم کنيا ويا آھن؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت ۾ گجر ۽ اورنگي نالن جي متاثرن جي بحالي بابت رپورٽ پيش ڪري ڇڏي

عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب متاثرن کي هيل تائين 2 ارب رپيا ڏنا ويا آهن، متاثرن لاءِ ملير ۾ اڍائي سئو ايڪڙ زمين به رکي وئي آهي، عدالت رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت چيو ته جيڪو عدالت حڪم ڏنو آهي ان بابت رپورٽ ۾ ڪي به تفصيل موجود نه آهن

متاثرن جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته متاثرن کي چئن چيڪن مان رڳو 2 چيڪ ڏنا ويا آهن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪيستائين باقي رهيل چيڪ ادا ڪيا ويندا؟ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب عدالت کي جواب ڏنو ته ايندڙ 6 ميهنن ۾ باقي رهيل چيڪ ادا ڪيا ويندا

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شروعات ۾ هن پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ ۽ ماڻهن کي متبادل جاءِ ڏيڻ جي ذميواري وفاق جي هئي، 2021 ۾ وفاق يوٽرن وٺندي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اسان سپريم ڪورٽ کان بحريا ٽائون مان ملندڙ رقم ٻن منصوبن جي لاءِ گهري هئي پر سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت 6 هزار متاثرن کي چيڪ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته بي گهر ماڻهن کي 15 ڏينهن ۾ چيڪ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جي حڪومت ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جي حق ۾ ناهي هوندي، عدالتي حڪم تي ڪم ڪيو آهي، رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي معذرت ڪئي، عدالت جڏهن گهرائيندي پيش ٿينداسين، ان کان اڳ مراد علي شاهه چيو ته توهين عدالت نه لڳندي، توهين عدالت لڳائڻي آهي ته ان وقت جي وفاقي حڪومت تي لڳائي وڃي

هوڏانهن اورنگي نالي، گجر نالي ۽ محمود آباد نالي جي متاثرن بحالي لاءِ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو احتجاج ڪيو،  مظاھري ۾ عورتون، مرد ۽ ٻارڙا به شامل هئا، گھر جي بدلي گھر ڏيو جا نعرا هڻي رهيا هئا،  مظاهرين جو چوڻ آهي ته گهر جي مسواڙ جي مد ۾ چيڪ ڏيڻ وارو وقت گذري ويو آھي، ٽيون چيڪ فوري طور جاري ڪيو وڃي، جن ماڻھن جا گھر ڊاھيا ويا آھن انھن کي فوري طور متبادل گھر فراھم ڪيا وڃن

Leave A Comment