| گجو ۾ هوٽل بند، مالڪن ۽ مزدورن جي احتجاجي ريلي، ڌرڻو |
گھارو(ن پ ا) گجو شھر ۽ آس پاس جي ھوٽل مالڪن ۽ ڏھاڙي تي مزدوري ڪندڙ هوٽل پورهيتن مزدورن قومي شاھراھ تي شھر جي مک چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ـ ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي ھوٽل مالڪن بشير ميمڻ ، گورو ملاح ، خالد ملاح،غني خاصخيلي ، ياسين جوکيو ، ياسر ملاح، پرويز، نظام، غلام حسين ملاح ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سڄي ضلعي ۾ ڏينهن جو ھوٽلون کليل آهن پر گجي شھر ۾ پوليس ھوٽلون کولڻ نٿي ڏي جنهن ڪري سندن روزگار سخت متاثر ٿي ويو آهي، روزانو ڪيترائي مڻ ورتل کير خراب ٿي رھيو آهي ،جڏهن ته ھوٽلن تي بيٺل سوين مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن ـ ھوٽل مالڪن ۽ مزدورن سنڏ حڪومت ‘ چونڊيل نمائيندن ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو کان گھر ڪئي آهي ته ڏينهن جو ھوٽلون بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي کين معاشي طور ٿيندڙ نقصان ۽ ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي خاندانن کي فاقه ڪشيء کان بچايو وڃي ـ