گجي ويجهو ڳوٺ ۾ خوفناڪ باهه، 18 گهر  الهه تلهه سميت رک، لکن جو نقصان

گجي ويجهو ڳوٺ ۾ خوفناڪ باهه، 18 گهر  الهه تلهه سميت رک، لکن جو نقصان

ٺٽو ( رپورٽر ) گجو ويجھو ڳوٺ ۾ اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ ھتان جي 18 ڳوٺاڻن جا گهر ۽ انھن ۾ پيل اناج سميت لکين رپين جي ماليت جو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي . خبر موجب گجو ويجهو ڳوٺ گل محمد پليجو ۾ باهه جو خوفناڪ واقعو پيش آيو، 18 گهر الهه تلهه سميت سڙي رک ٿي ويا، لکين رپين جو نقصان ٿيو، ڳوٺاڻن عبدالڪريم پليجو ، عزيز ، مھر علي ، شوڪت علي ، اميد علي ، علي محمد ، سبحان علي ، شفيع محمد ، انصاف علي ، بشير ، سجاد علي، سڪندر، مقبول، شريف ۽ توصيف پليجو سميت 18 ڳوٺاڻن جا گهر مڪمل طور تي سڙي ويا متاثر ڳوٺاڻن موجب اوچتو پيش آيل باھ سبب سڙي ويل 18 گھرن ۾ رکيل سونا زيور ، روڪ رقم ، اناج ، پلال ۽ ٻيو سمورو سامان قيمتي سامان سڙي وڃڻ سبب کين لکين روپين جو نقصان پھتو  آهي جڏھن ته کلي آسمان ھيٺ ويٺل باھ متاثر ڳوٺاڻن پاران سرڪار کان واھر جي اپيل ڪئي وئي آھي .