گداگري اسان جي ‘قومي سڃاڻپ’ بڻجندي وڃي!

اوورسيز پاڪستاني ۽ انساني حقن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس  ۾ ڊي جي، ايف آءِ اي طرفان ڪميٽي آڏو پيش ڪيل انگن اکرن موجب، سعودي عرب 56 هزار، دبئي 6 هزار ۽ آزربائيجان اڍائي هزار پاڪستانين کي پنڻ سبب ڊي پورٽ ڪيو آهي. ڊي جي، ايف آئي اي موجب، هن سال 24 هزار ماڻهو ڪمبوڊيا ويا، جن مان 12 هزار ماڻهو هن وقت تائين واپس ناهن پهتا. برما ويل 4 هزار ماڻهن مان اڍائي هزار ملڪ واپس ناهن پهتا. سندس چوڻ هو ته هن سال 51 هزار ماڻهن کي آف لوڊ ڪيو ويو، ماڻهو عمري جي ادائيگيءَ جي نالي تي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جن کي ثبوتن تحت آف لوڊ ڪيو ويو. ڊي جي ايف آءِ اي ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته آف لوڊنگ سبب غير قانوني ماڻهن کي روڪڻ جي ڪري پاڪستان جو پاسپورٽ رينڪ 118 کان 92 نمبر تي آيو، گذريل سالن ۾ غير قانوني سفر ڪندڙ ماڻهن ۾ پاڪستان ٽاپ 5 ملڪن ۾ هو، هاڻي پاليسين سبب پاڪستان ٽاپ 5 مان ٻاهر نڪتو آهي. گذريل سال 8 هزار ماڻهو غير قانوني طور يورپ ويا، هن سال تعداد 4 هزار رهيو.

گداگري آهستي آهستي اسان جي قومي سڃاڻپ بڻجندي پئي وڃي، جيڪا انتهائي افسوسناڪ ۽ ڳڻتيءَ جوڳي حقيقت آهي. هي رڳو چند فردن يا مخصوص طبقن تائين محدود مسئلو نه رهيو آهي، پر هاڻي اهو رياستي پاليسين، حڪمرانن جي روش ۽ مجموعي قومي سوچ جو عڪس بڻجي چڪو آهي. ملڪ جا حڪمران جڏهن بين الاقوامي ادارن ۽ سرمائيدار ملڪن آڏو بار بار ڪشڪول کڻي بيهندا آهن ۽ ان کي “ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچائڻ” جو نالو ڏيندا آهن، ته ان جا اثر لازمي طور عوام جي نفسيات ۽ روين تي به پوندا آهن. هڪ اهڙو ملڪ، جيڪو ايٽمي طاقت م هجي، جنهن وٽ قدرتي وسيلن جي کوٽ نه هجي، جيڪڏهن اهو دنيا آڏو ڪشڪول کڻندڙ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي، ته اها شرمندگي ڏيوالي ٿيڻ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ڏيوالو نڪرڻ اقتصادي حالت ٿي سگهي ٿي، جيڪا وقت سان سنڀالي سگهجي ٿي، پر قومي غيرت، خودداري ۽ وقار جو ڏيوالو نڪرڻ قومن کي صدين تائين غلام ذهنيت ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو.

حڪمرانن جي اها دعوا ته هو ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچائي رهيا آهن، حقيقت ۾ اڌ سچ آهي. اصل سچ اهو آهي ته ملڪ ته شايد ڪاغذن ۾ بچي ويو هجي، پر عوام جو مڪمل طور تي ڏيوالو نڪري چڪو آهي. مهانگائي، بيروزگاري، گهٽ اجرتون، مهانگو علاج، مهانگي تعليم ۽ بنيادي سهولتن جي اڻهوند ماڻهن کي اهڙي حد تائين مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جو هاڻي عزت سان جيئڻ بدران گداگري کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هي انتهائي افسوسناڪ حقيقت آهي ته هاڻي ماڻهو ملڪ کان ٻاهر وڃي پنڻ تي مجبور آهن. ڪڏهن انساني همدرديءَ جي نالي تي، ڪڏهن مذهبي جذبات کي استعمال ڪري، ته ڪڏهن جعلي ڪهاڻيون ٻڌائي، ماڻهو پرديس ۾ به عزت وڃائي پينڙاتن جي قطار ۾ بيٺل نظر اچن ٿا. هي سڀ ڪجهه ڪنهن فرد جي ذاتي ناڪامي نه، پر رياست جي اجتماعي ناڪامي جو نتيجو آهي. گداگري ثقافت جا سبب صرف غربت تائين محدود نه آهن. ملڪ جي ادارن ۾ پکڙيل ڪرپشن، نااهلي، اقرباپروري ۽ وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ به هن ذهنيت کي هٿي ڏئي رهي آهي. جڏهن ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ باوجود ماڻهو ٻن ويلن جي ماني حاصل نه ڪري سگهي، ۽ جڏهن ڪرپٽ ماڻهو عيش عشرت جي زندگي گذارين، تڏهن معاشري ۾ محنت بدران شارٽ ڪٽ، گداگري ۽ دوکي جي سوچ وڌي ٿي.

حڪمرانن جي غلط پاليسين، عوام دشمن بجيٽن، آءِ ايم ايف جي شرطن تي بنا مزاحمت جي عمل، ۽ خودمختياريءَ تان هٿ کڻڻ، عوام کي مايوسيءَ جي اهڙي کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، جتان نڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. جيڪڏهن اڃا به وقت سر سنجيدگي اختيار نه ڪئي وئي، ته گداگري رڳو اقتصادي عمل نه، پر مڪمل قومي ڪلچر بڻجي ويندو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪمران ڪشڪول بدران خوددار پاليسين کي اختيار ڪن، ڪرپشن خلاف حقيقي ڪارروائي ڪن، ادارن کي مضبوط بڻائين، ۽ عوام کي عزت سان جيئڻ جا موقعا فراهم ڪن. ٻي صورت ۾ تاريخ اسان کي هڪ اهڙي قوم طور ياد رکندي، جنهن وٽ سڀ ڪجهه هئڻ باوجود، ان گداگري کي پنهنجو مقدر بڻائي ڇڏيو.