گدلو پاڻي – انسانيت لاءِ نئون خطرو

                 ھن جديد دور ۾ انساني صحت کي سڀ کان وڏو خطرو هاڻي جراثيمي بيمارين کان وڌيڪ غير منتقلي بيمارين (Non-Communicable Diseases – NCDs) مان پيدا ٿي رهيو آهي، جن ۾ دل جون بيماريون، شگر، ٿولھ، ۽ ڪينسر نمايان طور تي وڌي رهيا آهن. پاڪستان به انهن بيمارين جي وڌندڙ لهر مان محفوظ ناهي، جتي تازي سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ماڻهن جي مرڻ جو لڳ ڀڳ 57 سيڪڙو حصو NCDs سبب ٿئي ٿو، جڏهن ته شگر، بلڊ پريشر ۽ دل جون بيماريون تيزي سان وڌي رهيون آهن.

                 شهري زندگيءَ جو غير صحتمند طرزِ زندگي. جيئن گهٽ جسماني حرڪت، چرٻي جو وڌڻ ۽ مٺاڻ، تماڪ ۽ سگريٽ نوشي، ۽ ماحولياتي آلودگي ــ انهن بيمارين جي تيزي سان ڦهلجڻ جا اهم سبب آهن. ان سان گڏ، صحت جي نظام ۾ محدود وسيلا، جاچ ۽ علاج جو فقدان به صورتحال کي پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي گدلاڻ هڪ ٻيو وڏو بحران بڻجي چڪو آهي. حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جهڙن علائقن ۾ تحقيق ٻڌائي ٿي ته 70–80 سيڪڙو پاڻي جا ذريعا پيئڻ لاءِ محفوظ ناهن. پاڻيءَ ۾ آرسينڪ، فلورائيڊ ۽ ڪلورائيڊ جهڙيون زهريليون شيون، گڏوگڏ جراثيمي آلودگي، نه رڳو پيٽ ۽ جگر جون بيماريون وڌائي رهيون آهن، پر گردن ۽ دل جي بيمارين کي به وڌيڪ شدت ڏئي رهيون آهن.

عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ ڦهليل بيمارين جو هڪ وڏو انگ غير منتقلي بيمارين جو (Non-communicable diseases, NCDs) آهي, جيئن دل جون بيماريون، شگر، نيورو ڊزيز شامل آهن. پر انهن ۾ گهڻا ماڻهو دل جي بيمارين سبب فوت ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ شگر جي بيماري ٻئي نمبر تي آهي. جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ان کانسواءِ وزن وڌڻ واري بيماري تيزي سان ڦهلجي رهي آهي، جنهن ڪري دل ۽ شگر جي بيماري به ٿي رهي آهي. جڏهن ته ساهه جي بيمارين جو انگ به وڌي رهيو آهي. ڪينسر جو مرض به موجود آهي. طب جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي بيماريون جراثيم ذريعي نه پر طرزِ زندگي، غذائيت، ماحولياتي سببن وغيره ذريعي ٿين ٿيون. هڪ مطالعو ٻڌائي ٿو ته پاڪستان ۾ NCDs موت جو تقريباً 57 ٪ حصو آهن. هڪ مقامي مطالعي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاهور ۾ جن ماڻهن کي اهي بيماريون ڄاڻايل هيون، انهن جو لڳ ڀڳ 40.1 ٪ ۾ بلڊ پريشر هو، 15.8٪ ۾ شگر ۽ 17٪ وٽ دل جي بيماري هئي. جڏهن ته ملڪ ۾ شگر جي شرح تقريباً 11٪ آهي پر ڪجهه علائقن ۾ تمام وڌي وئي آهي. ٿولهه (Obesity/Overweight) به وڏو مسئلو آهي، جيڪو انهن بيمارين لاءِ خطرو وڌائي ٿو،

بيمارين ڇي تيزي سان وڌڻ جا سبب:

ميڊيڪل سائنس جي هڪ جائزي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن بيمارين ۾ شهري زندگي جو عمل دخل تمام گهڻو آهي. اڪثر ڪري ماڻهو حرڪت گهٽ ڪن ٿا. آفيس وارا ڪم به ويهي ڪري رهيا آهن. جسماني ورزش جو نه هجڻ آهي. هوٽلنگ. بيڪريز جو استعمال، مٺايون، ميون ۽ ڀاڄين جو گھٽ استعمال. سگريٽ نوشي، تماڪ جو استعمال، شراب، خانداني تاريخ، عمر جو وڌڻ، ٿولهه۔ صحت جي نظام ۾ محدود وسيلا ۽ وقت سر ميڊيڪل چڪاس نه ڪرائڻ ۽ علاج جو فقدان شامل آهن. جڏهن ته انهن شين جي ڪري ملڪ ۾ گردن جون بيماريون به تيزي سان وڌي رهيون آهن.  جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ ان معاملي تي ڪا گهڻي ريسرچ ناهي ٿي، نه ئي ان جو ڪو علاج ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي. جنهن ڪري ماڻهو موت جو شڪار ٿي رهيا آهن. شگر ۽ بلڊ پريشر جي ڪري به گردن تي گهڻو اثر پوندو آهي. جيڪي گردن جي فعل کي وڌيڪ متاثر ڪري سگهن ٿا. ٿولھ، غير صحتمند کاڌي، حرڪت گھٽ ٿيڻ صحت جي حالت کي وڌيڪ پيچيده ڪري سگهن ٿا. ان ڪري هر ماڻهو کي وقت سر پنهنجون ليب ٽيسٽون ڪرائي اهڙن مرضن کي روڪڻ لاءِ هنگامي قدم ۽ علاج ڪرائڻ گهرجي.

سنڌ ۾ گدلي پاڻي جو استعمال ۽ بيماريون:

سنڌ ۾ گدلي پاڻيءَ ذريعي منتقل ٿيندڙ بيماريون جهڙوڪ: ڊائيريا، ڪالرا، مدي جو بخار، هيپاٽائيٽس A ۽ E وائرس ۽ آنڊن جي بيڪٽريا جو سبب آهن. پاڻيءَ ۾ مائڪروبيال آلودگي مثال طور E. coli، fecal coliforms) ۽ ڪيميائي آلودگي جيئن آريسنڪ، فلورائيڊ، ان آرگنڪ معدنيات وغيره شامل آهن. پاڻيءَ جي خراب معيار سبب صحت تي خراب اثر، جهڙوڪ ٻارڙن  جون بيماريون وڌيون آهن. يونيسيف  مطابق پاڪستان ۾ تقريباً 53,000 ٻارن جي موت جو سبب گدلو پاڻي ۽ ٻيون صفائي جون ناقص حالتون آهن. جيڪڏهن مسلسل گدلو پاڻي استعمال ٿئي، ته گردن، جگر، دل وغيره تي به منفي اثر ٿي سگھي ٿو. مثال طور لوڻ (chloride) يا ٻين معدنيات جي بلند سطح سان گردا خراب ٿي پوندا آهن. هڪ تحقيق موجب پاڪستان ۾ تقريباً 30٪ بيماريون ۽ 40٪  سيڪڙو موت گدلي/ ناقص پيئڻ واري پاڻي جي معيار سبب ٿيا آهن. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي معيار جو تجزيو ڏيکاري ٿو ته تقريباً 78٪ نمونا پيئڻ لاءِ محفوظ نه آهن. مثال طور هڪ ڏينهن ۾ سنڌ ۾ 90,000 کان وڌيڪ ڊائيريا جا ڪيس رپورٽ ٿيا. موسمي ٻوڏن بعد خاص طور تي ماڻهن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي، صحت جي خرچ ۾ واڌ ٿي رهي  آهي.

تحقيقي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ پيئڻ واري پاڻيءَ ۾ ڪلورائيڊ (chloride) جي بلند سطح آهي، ۽ اها سطح گردن، دل ۽ جگر جي بيمارين سان لاڳاپيل ٿي سگھي ٿي. پاڻيءَ جي ناقص معيار سبب ايندڙ انفيڪشن (مثال طور ڊائيريا يا مدي جو بخار) پڻ گردن کي نقصان پهچائي سگھن ٿا، خاص طور تي جڏهن بار بار انفيڪشن ٿئي ته اوهان صاف پاڻي جو استعمال شروع ڪيو. گهر يا آفيسن ۾ فلٽر وارو پاڻي استعمال ڪريو. جيڪڏهن ڪيميائي آلودگي جو امڪان آهي (مثال طور آرسنڪ، فلورائيڊ، ڌاتو) ته ان جي چڪاس ڪرائڻ ضروري آهي. هن سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهرن ۾ مختلف “واٽر فلٽريشن پلانٽس” لڳل آهن، پر انهن جي معيار يا پاڻيءَ جي معيار جي نگراني ناهي ڪئي ويندي. حيدر آباد شهر جي 80 سيڪڙو آبادي کي صاف پاڻي نه ٿو ملي. سنڌ ۾ مجموعي طور پاڻيءَ ۾ مائڪروبيال (coliforms) ۽ ڪيميائي آلودگيون ڪافي آهن.  سنڌ ۾ تقريباً 78.1٪ نمونا پيئڻ لاءِ محفوظ نه هئا. شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي ۾ تمام گهڻو خراب پاڻي استعمال ڪيو ويندو آهي. ٺٽي ضلعي جي ڊيلٽائي علائقن ۾ زميني پاڻي وڏي پيماني تي استعمال ٿي رهيو آهي ۽ ان ۾ سامونڊي پاڻيءَ جو داخل ٿيڻ (seawater intrusion) ۽ ٻين آلودگين جي ڪري معيار خراب آهي.  بدين جي علائقن ۾ تقريباً 70٪ پاڻيءَ جا نمونا صحت جي عالمي اداري جي معيار کان مٿي آلودگي وارا آھن. طب جي ماهرن جو تجزيو آهي ته بدين ۾ آلودگي جي سطح خاص طور تي بلند آهي. جر جي پاڻي، لوڻياٺي پاڻيءَ، سامونڊي اثر، ۽ خراب واٽر سپلائي جي ڪري صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي.

پاڪستان ۾ انساني صحت تي ٻه وڏا معاملا اثرانداز ٿي رهيا آهن. هڪ طرف طرزِ زندگيءَ سان جڙيل بيماريون (NCDs) ۽ ٻئي طرف ماحولياتي ۽ پاڻيءَ جي آلودگيءَ سان لاڳاپيل وبائي خطرا. ٻنهي جي گڏيل اثر سبب صحت تي ناقابلِ تلافي نقصان ٿي رهيو آهي، جيڪو قومي سطح تي هنگامي قدمن جو مطالبو ڪري ٿو.