گدو اسپتال ۾ يونيورسٽي نه ٺاهيو، لاچار دربدر ٿيندا، علاج ڪير ڪندو؟ عدالت ۾ درخواست داخل

گدو اسپتال ۾ يونيورسٽي نه ٺاهيو، لاچار دربدر ٿيندا، علاج ڪير ڪندو؟ عدالت ۾ درخواست داخل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سرڪائوسجي انسٽيٽيوٽ آف سائيڪياٽري اسپتال ۾ يونيورسٽي ٺاھڻ ۽ 2020 ۾ سنڌ حڪومت پاران پاس ڪيل ايڪٽ تي عمل نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري صحت سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 4 ھفتن ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواست گذار غلام مرتضيٰ لغاري پنھنجي وڪيل الطاف سچل اعواڻ معرفت سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس رياضت علي ساھڙ تي مشتمل آئيني بئنچ ٻڌڻي ڪئي،  ان موقعي تي وڪيل الطاف سچل اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت 2020 ۾ ايڪٽ پاس ڪري اسپتال جي اينٽانامي باڊي مقرر ڪئي ھئي ، ان تي اڄ تائين عمل نه ٿي سگھيو آھي ايڪٽ تي عمل نه ٿيڻ ڪري اتي جي سي اي او جي مقرري ٿي سگھي آھي نه ئي پروفيسر ۽ ٻيا ملازم ڀرتي ٿي سگھيا آھن 2024 ۾ سنڌ جي وڏي وزير اسپتال ۾ يونيورسٽي ٺاھڻ جو اعلان ڪيو گدو اسپتال ۾ يونيورسٽي نه ٺھڻ کپي ان خلاف اسان عدالت ايا آھيون اسپتال ۾ يونيورسٽي ٺھي ته پوءِ لاچار ماڻھو دربدر ٿي ويندا انھن جو علاج ڪير ڪندو يونيورسٽي ڪمرشلائيز ٿي ويندي ان کي هو ٻئي طريقي سان ھلايو ويندو ٻين ڌرين کي ڏنل اسپتال جي زمين پڻ واپس ڪرائي اداري کي فعال ڪيو وڃي ادارو ٽرسٽي آھي ان کي ٽرسٽي ئي رهڻ ڏنو وڃي، يونيورسٽي نه ٺاھي وڃي