گذري ويل عيد ۽ ترسي پيل ديد … اعجاز منگي

                 وچ اوڀر جي آسمان تي عيد جو چنڊ تلاش ڪندي، ھن ڀيري عرب ملڪن جي عالمن کي ڪجھ مشڪل ته پيش آئي ھوندي. وچ اوڀر جو اھو آسمان جيڪو سمنڊ ۽ صحرا سبب سدائين صاف ۽ شفاف نظر ايندو ھو، ان نيرڙي نڀ ۾ پھرين شوال جو سفيد رنگ جي مڙيل لڪير جھڙو چنڊ ڏسڻ لاءِ عام اکيون به ڪافي ھونديون ھيون. اھو کليل آسمان- جنھن ۾ ڪنھن ڀليل ڪڪر جي ڀٽڪي اچڻ جو به امڪان گھٽ ھوندو ھو.

                 عرب صحرائن جي خوبصورت شام ڌاري جڏھن آسمان ۽ زمين ٻن چپن وانگر پاڻ ۾ ملي پوندا ھئا، تڏھن اتان محبوب مرڪ جھڙو چنڊ اکين ۾ واڌائيءَ وانگر لھي ايندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ته عرب دنيا جو آسمان سانجھ سمي ڪنھن معصوم ٻار وانگر نظر ايندو ھو ۽ ان مٿان عيد جو چنڊ ماءُ جي ٿڃ جي لڙيل لڪير جيان ڏيک ڏيندو ھو.

                 عرب صحرائن مٿان کليل آسمان جي صدين جو سلسلو ھن ڀيري بدامنيءَ جي المناڪ موڙ تان گذري رھيو آھي. ھن ڀيري عرب مفتين کي عيد جو چنڊ ڏسڻ ۾ اڳ جيان آساني نه پر تمام گھڻي مشڪل درپيش آئي ھوندي. ڇو ته ھن ڀيري وچ اوڀر جو اڀ اڳ جيان اجرو نه ھو.

ھن ڀيري صوفي درويش جي دل جھڙو صاف شفاف آسمان بارودي بادلن سان ڀريو پيو ھو. اوچ اوڀر جو اھو آسمان جنھن جي نيري وسعت ۾ ابابيل پکي پنھنجا پر کولي محو پرواز ھوندا ھئا، ھاڻي انھن آسمانن تي ڊرون اڏامن ٿا. اھي آسمان جن ۾ رات جو تارن جا قافلا جھل مل ڪندا ازل کان ابد جي سفر جو اتو پتو ڏيندا ھئا، ھاڻي اتي شيطاني گرزن جھڙا ميزائل اڏري ھيٺ ڪرن ٿا ۽ جتان تتل صحرا مٿان ڪڏھن ڪڏھن ڳڙن جو مينھن وسندو ھو، ھاڻي اتي مستقل طور تي بم برسن ٿا. وچ اوڀر جي آسمان ۾ اڏامندڙ ميزائلن جو نشانو ڌرتيءَ جا اھي ماڳ آھن، جتي تيل جا ذخيرا آھن. تيل جي ذخيرن کي لڳل باھ سبب رجيل ڏامر جھڙو گھاٽو دونھون پوري آسمان کي ڦھلجي وڃي ٿو. جنھن ڪاري گھاٽي دونھين سبب رات جو چنڊ ۽ ڏينھن جو سج ساھ کڻندي تڪليف محسوس ڪن، ان ماحول ۾ معصوم ستارن جو ڪھڙو حال ھوندو!!؟

عيد جي گذري ويل ڏينھن دعائن لاءِ جھليل ھٿ ڌڻيءَ جي در امن جي خيرات گھرندا رھيا. جڏھن ته اھا مقدس سرزمين جتان عظيم فڪر جا سرچشما ڦٽي نڪتا ھئا، اھا سرزمين صدين کان وٺي امن جي آغوش ۾ رھي. تيل نڪرڻ کان پوءِ ته انھن صحرائن ۾ سڌي سينڌ جيان جڙيل سڙڪن مٿان سفيد ۽ سياھ رنگ واريون نيون گاڏيون سرمئي دونھين جي لڪير ڇڏينديون ڌرتيءَ مٿان ترڪنديون وينديون آھن پر تاريخ ۾ جڏھن اٺن جا ڪاروان ستارن سبب آسماني قطب نما جي آسري تي آڌي رات جو به ھڪ ماڳ کان ٻي ماڳ طرف وڌندا ھئا، تڏھن به انھن کي ڪو اونو نه ھوندو ھو. واٽ وڃائڻ وانگر رستي ۾ رھزنن جي ور چڙھي وڃڻ جو ته ڪو سوال ئي پيدا نه ٿيندو ھو. وچ اوڀر جي ملڪن جا عرب ماڻھو پنھنجي قديم دؤر کان وٺي امن جي پاڇي ۾ پلبا رھيا ھئا. پر ڪنھن کي معلوم ھو ته جديد دؤر ۾ ڪو اھڙو موڙ به ايندو، جڏھن امن جا قنديل اوچتو وسامي ويندا. جڏھن پرسڪون ننڊ جھڙي مڌر ماحول ۾ خطري جا سائرن موت جي خوف ۾ آيل عورت وانگر رڙيون ڪندا. ۽ جڏھن بارودي حملن سبب شھر جون بتيون آڌيءَ جون اجھامي وڃن پر بارودي پکين جھڙا ڊرون خوفناڪ آواز سان پوءِ به پنھنجا ٽارگيٽ چٽين ۽ ڪمرن ۾ موجود انسان خوف سبب لرزڻ لڳن ۽ انھن جا اڇا اجرا لباس پنھنجي وجود جي رت ۾ سرخ ٿي وڃن.وچ اوڀر جي اھا عيد جنھن ۾ پوري عالم لاءِ امن جون دعائون اڀرنديون ھيون، اھا عيد ھن ڀيري خوف جي شڪار شھريءَ وانگر بنڪر جي تلاش ڪندي رھي. وچ اوڀر ۾ رمضان جو مھينو ته رحمتن ۾ رھيل ۽ برڪتن سان ڀريل مھينو ھوندو ھو. اھو رمضان جنھن جو مھينن کان وٺي انتظار رھندو ھو. اھو رمضان جنھن ۾ عرب دنيا جا مارڪيٽ ۽ ھوٽل پوري رات جڳ مڳ ڪندا ھئا. رمضان جو مھينو ته عرب دنيا ۾ عبادتن سان گڏ انھن ضيافتن ۽ دعوتن وارو به رھيو آھي، جنھن ۾ ماڻھو ھر شام جي افطاري مٽن مائٽن ۽ دوستن احبابن سان ملھائيندا آھن. صحرا ۾ ريشمي قناطن وارا تنبو ۽ انھن ۾ ٻرندڙ روشن فانوس ۽ محبت ۾ وڌندڙ قدم ۽ دل تان ھٽندڙ رنج ۽ ھڪ نئين رشتي جي ابتدا ۾ پرعزم جذبا، ان مقدس مھيني جي سڃاڻپ رھيا پر ھن ڀيري ته رمضان جا ٽي ڀاڱا خوف جي ماحول ڳڙڪائي ڇڏيا. گذريل ڏينھن تمام گھڻي تڪليف سان ڏٺل چنڊ سبب رمضان جو ڀاڳن ڀريو مھينو ته پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتو پر وچ اوڀر ۾ خوف ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي.

اھا جنگ جنھن جي ابتدا انھن ملڪن مان ھرگز نه ٿي، اھا جنگ ھن ڀيري ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي. اھا جنگ جنھن سبب وچ اوڀر جي سرزمين بي سبب سڙي رھي آھي. وچ اوڀر جا اھي ماڳ جيڪي برڪتن ڀري ڀاڳ سان ڀريل تريل رھندا ھئا، ھاڻي اتي خوف جو راڄ وحشي روپ سان انسانن کي ڊيڄاري رھيو آھي. اھي ھنڌ جت پوري دنيا جا سياح ائين لينڊ ڪندا ھئا، جيئن سياري ۾ سفيد برف وارن ماڳن جا پکي گرم چشمن مٿان پر پکيڙي لھندا ھئا. ھاڻي اتي صرف خوف جا پاڇا لھرائن ٿا ۽ ڊرون ڊپ ڏياريندڙ نغما ڳائين ٿا.

غزا جي غمگين عوام جا گذريل رمضان روئڻ ۽ پويون عيدون سورن پورن ۾ گذريون، ھن ڀيري ته پوري وچ اوڀر جو ساڳيو حال آھي. ڪاش! وڏي ٿالھ ۾ سجايل سمورو سجي ٿيل ٻڪرو تناول ڪندڙ وچ اوڀر جي امير عربن کي غزا جي غريب ماڻھن جو ائين احساس ٿئي ھا، جيئن پنھنجي ھڏ ۽ ماس جو ٿيندو آھي ته شايد اڄ سمورو وچ اوڀر اڌ غزا جو لقاءُ پيش نه ڪري ھا. اھا بدامني جيڪا ڪالھ غزا تائين محدود ھئي، اھا اڄ پوري خطي کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي رھي آھي. جڏھن ته غزا جو ان جنگ ۾ ڪو عمل دخل به ناھي. پر بدامنيءَ جي باھ ڪنھن به آڙاھ جي چڻنگ چورائي سگھي ٿي. ڪاش! تيل جي تلائن مٿان عيش عشرت جو ڪشتيون ڪڏائيندڙ ماڻھو انھن انسانن جي باري ۾ ھمدرديءَ سان سوچين ھا، جن جي گھرن کي مسمار ڪيو ويو. جن جي اسپتالن کي بمن سان اڏايو ويو. جن جا قبرستان به بارود جي برسات کان محفوظ نه رھيا. اھي ماڻھو جيڪي ڪڏھن پنھنجن گھرن ۾ پوکيل ٻوٽن کي پاڻي ڏيندا ھئا ۽ جيڪي خوبصورت پکي پيار سان پاليندا ھئا، اھي انسان جڏھن جبر ھٿان وسندڙ بارود ۾ جلڻ لڳا، تڏھن انھن جون آھون دانھون انھن انسانن ٻوڙن ڪنن سان ٻڌيون، جيڪي انسان ھن وقت خوف جي پاپي پاڇي ۾ زندگيءَ جا ڏکيا پيل ڏسي رھيا آھن.

عرب ملڪن کي اھي ڏکيا ڏينھن ھرگز نه ڏسڻا پون ھا، جيڪڏھن انھن جون حڪومتون پنھنجي عوام جي مرضي مطابق ھلن ھا. آمريڪا جي اشاري تي ھلندڙ حڪمران ھن وقت صرف حيران نه پر پريشان به آھن پر مھل گذري وڃڻ کان پوءِ افسوس ڀريا ھٿ مھٽڻ مان ڇا حاصل!!؟ پڇتاءُ بدامنيءَ جي باھ کي وسائي نه ٿو سگھي. تيل جي دولت وارن ملڪن جي لاءِ اڄ ھر پل ويل وارو آھي. اھا جنگ جيڪا عرب ملڪن ۾ عيد جي ڏينھن تي به امن جا اجھا جلائيندي نظر آئي، ان جنگ جو الزام ايران مٿان ھڻڻ جو مطلب پنھنجو پاڻ کي وڌيڪ دوکي ۾ متبلا ڪرڻ برابر آھي. عرب ملڪن ۾ ٻرندڙ باھ جا پيرا ايران طرف وڃن ٿا ۽ ايران ڪجھ حملن جو اقرار به ڪري ٿو پر ھر حملو ڪرڻ کان ھن کي انڪار به آھي. اقرار ۽ انڪار جي وچ بيٺل ايران پاڻ به ان بمباريءَ جي بارودي برسات ۾ ڀڄي رھيو آھي، جنھن کان نار جا مجموعي ملڪ محفوظ ناھن.

ايرانين ۽ عربن جي پرامن عيد کي بدامنيءَ جي باھ حوالي ڪرڻ وارا ھٿ صرف ٻه آھن. ھڪ آمريڪا ۽ ٻيو اسرائيل. نار جي مسلمان عوام کان عيد جون خوشيون کسڻ وارن ٻن ھٿن ۾ ڪھڙو کاٻو ۽ ڪھڙو ساڄو آھي؟ اھو سوال ايترو اھم ۽ ضروري ناھي. ڇو ته ان سوال جو جواب اھا بارودي باھ وسائي نه ٿو سگھي، جيڪا اڄ پوري خطي جي زندگين کي خطري ۾ وجھي چڪي آھي ۽ جنھن سبب ھن ڀيري عيد جون خوشيون خاڪ وانگر صحرا ۾ اڏامنديون رھيون.عيد جو انتظار ته مسلمان پورو سال ڪندا آھن پر ڪنھن کي معلوم ھو ته ھن ڀيري عيد جي اکين ۾ درد جون دونھون ڀريل ھوندو!! رمضان جا روزا ته عربن به رکيا ۽ ايرانين به رکيا. پر انھن انسانن جو افسوس وقت ڪڏھن وساري نه سگھندو، جيڪي روزي جي حالت ۾ ھوائي حملن سبب موت جي آغوش ۾ ھليا ويا. اھا عيد جنھن ۾ عربن ۽ ايرانين سميت پوري دنيا جا مسلمان مسرت محسوس ڪندا آھن، ھن ڀيري ان عيد جي ديد ۾ درد جي آلاڻ ھئي، جيڪا ان بارودي باھ سبب پيدا ٿي پئي آھي، جنھن بارودي باھ کي جلائڻ وارو اسرائيل ۽ وڌائڻ وارو آمريڪا آھي. آمريڪا- جنھن جي مغرور صدر عام طور تي پوري دنيا جي عوام کي امن ۽ خاص طور تي مسلمان ملڪن جي عوام کي عيد جي خوشين کان محروم ڪيو.

دنيا ۾ ڪا عدالت اھڙي ناھي، جنھن ۾ عيد جي خوشين کان محروم عوام پنھنجو ڪيس داخل ڪرائي سگھي. پر اھڙي عدالت ھجڻ گھرجي. ڇو ته جنھن دنيا ۾ غم گھڻا ۽ خوشيون گھٽ آھن، ان دنيا جي عوام کي عيد جھڙي معصوم مسرت کان محروم رکڻ ڪيڏو وڏو جرم آھي؟ ان جو احساس ھن عالم کي ڪڏھن ته ٿيندو. ڪڏھن ته ھن دنيا جو عوام ڌرتيءَ جي گولي کي زندگيءَ جي گڏيل امانت سمجھندو. ڪڏھن ته اھو احساس ھر دل جي گھٽيءَ مان گذرندو ته امن کان سواءِ ڪو به سنسار، ڪو به تھوار مسرت سان ملھائي نه ٿو سگھي.بارود جي بادلن مان موت جي وسندڙ مينھن ۾ ھن ڀيري عيد جو ڏک سان ڀريل ڏينھن ته گذري ويو پر دک سان ڀريل اھا ديد ان امن جي راھ نھاري رھي آھي، جيڪو نه معلوم ڪڏھن ايندو؟