گرفتاري کان اڳ مهينن جي منصوبا بندي، ڪيريبيئن ۾ مشق

گرفتاري کان اڳ مهينن جي منصوبا بندي، ڪيريبيئن ۾ مشق

لنڊن: وينزويلا جي صدر مادورو کي اغوا ڪرڻ وارو آمريڪي آپريشن مهينن جي پلاننگ جو نتيجو هو. بي بي سي موجب ڇنڇر ڏينهن آمريڪي وقت موجب صبح جو 4:21 وڳي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽرٿ سوشل تي اعلان ڪيو ته آمريڪا وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس زال کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هن شروعاتي پوسٽ کان لڳ ڀڳ ست ڪلاڪ پوءِ صدر ٽرمپ صدر نڪولس مادورو جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ مادورو جي اکين تي ڪارو پٽو ٻڌل آهي، هٿ ٻڌل آهن جن ۾ پاڻي جي بوتل آهي ۽ کيس ٽريڪ سوٽ پاتل آهي. هن تصوير سان گڏ، صدر ٽرمپ لکيو، نيڪولس مادورو، يو ايس ايس ايوو جيما تي. يو ايس ايس ايوو جيما اهو جنگي جهاز آهي جنهن ۾ وينزويلا جي صدر کي آمريڪا منتقل ڪيو ويو. بي بي سي موجب آپريشن مهينن جي منصوبابندي جو نتيجو هو. آمريڪي فوج جي سڀ کان بهترين جٿي ڊيلٽا فورس بار بار صدر مادورو جي محفوظ گهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي ڪاميابي سان مشق ڪئي هئي. اها مشق ڪيريبيئن خطي ۾ ڪئي وئي.