گرفتار ناهيان ٿيو: اسد عمر عدالت پهچي ويو، عبوري ضمانت منظور

آگسٽ 22, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سائفر ڪيس ۾ اسد عمر جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي اسپيشل

ڪورٽ مان ضمانت منظور ٿي وئي

آفيشل سيڪريٽ ائڪٽ جي تحت قائم اسپيشل عدالت سائفر ڪيس ۾ اسد عمر جي عبوري ضمانت منظور ڪئي

اسد عمر سائفر ڪيس ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ٿيل خصوصي عدالت اسلام آباد ۾ گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت واري درخواست داخل ڪئي هئي

اسد عمر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته منهنجي خلاف سائفر ڪيس سياسي بنيادن تي جوڙيو ويو آهي، مون کي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ سائفر ڪيس ٺاهيو ويو آهي

درخواست ۾ چيو ويو ته سائفر ڪيس اسد عمر خلاف بي بنياد آهي، ڪيس ۾ قلم به غلط لڳايا ويا آهن، اسد عمر جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي ان ڪري سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي

اسپيشل عدالت لک رپيا ضمانتي مچلڪن عيوض اسد عمر جي 29 آگست تائين ضمانت منظور ڪري ورتي

ان کان اڳ اهي خبرون سامهون آيون هيون ته اسد عمر کي سائفر ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي پر اسد عمر منظرعام تي اچي ويو آهي ۽ هن عدالت مان ضمانت منظور ڪرائي ورتي آهي

اسد عمر جو چوڻ آهي ته منهنجي گرفتاري جي خبر غلط هئي، مون کي ايف آءِ اي گرفتار ناهي ڪيو، سائفر معاملي ۾ عدالت آيو آهيان، گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست ڏني، جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، واضح رهي ته سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي گرفتار ٿيل آهن

Leave A Comment