گرفتار ٿيان يا نظربند ڊسمبر ۾ بنگلاديش ضرور وينديس: شيخ حسينه

گرفتار ٿيان يا نظربند ڊسمبر ۾ بنگلاديش ضرور وينديس: شيخ حسينه

نئين دهلي (م ڊ) اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد هلندڙ سال وطن واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شيخ حسينه واجد چيو آهي ته ڊسمبر ۾ بنگلاديش واپس اچڻ چاهيان ٿي، جڏهن ته واپسي جي تاريخ جو اعلان مناسب وقت تي ڪيو ويندو. هن چيو ته نظربندي يا گرفتاري جي امڪان باوجود خوف فرض ادا ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ شيخ حسينه واجد چيو ته اقتدار جي لالچ لاءِ نه پر بنگلاديشي عوام جي خدمت ۽ ملڪ جي باني شيخ مجيب الرحمان جي سونار بنگلا واري خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ سياست ڪريان ٿي. پنهنجي خلاف بنگلاديشي عدالت طرفان ٻڌايل موت جي سزا واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي هن ان کي انصاف جي ابتڙ، غيرآئيني، غيرقانوني ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل قرار ڏنو.