گرل فرينڊ کي اسڪول پهچائڻ لاءِ نوجوان بس چورائي ورتي

گرل فرينڊ کي اسڪول پهچائڻ لاءِ نوجوان بس چورائي ورتي

فرينڪفرٽ (انٽريسٽنگ نيوز) جرمني ۾ هڪ 15 سالن جي ڇوڪر پنهنجي گرل فرينڊ کي ٻئي شهر جي اسڪول ۾ پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ ڪمپني جي بس چوري ڪري ڊگهو فاصلو طئي ڪري اتي پهچايو. هن غير معمولي عمل نه رڳو پوليس کي پر عوام کي به حيران ڪري ڇڏيو. رپورٽن موجب اهو واقعو جرمن شهر وائيزباڊن ۾ پيش آيو، جتي هڪ ڇوڪرو لڪي بس ڊپو ۾ داخل ٿيو ۽ گاڏين جي ماسٽر ڪي تائين رسائي حاصل ڪئي. پوءِ هن بغير ڪنهن رڪاوٽ جي بس کي اسٽارٽ ڪيو. سڄي ڪارروائي سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ رڪارڊ ٿي پر عملي شروعات نظرانداز ڪيو ۽ معمول جو معاملو سمجهيو. بس صبح جو 6 وڳي ڊپو مان نڪتي پر ڪمپني کي منجهند کان پوءِ شڪ ٿيو جڏهن سڀني ڊرائيورن جي تصديق جي باوجود ڪنهن به ڊرائيور بس ڪاهڻ جو نه ٻڌايو. ان کان پوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ۽ ڳولا شروع ڪئي وئي. بس ۾ نصب ٿيل GPS سسٽم جي مدد سان پوليس گاڏي کي ڪارلسروهي ۾ ڳولي لڌو، جيڪو وائيزباڊن کان تقريباً 130 ڪلوميٽر (80 ميل) پري آهي. پوليس حيران ٿي وئي جڏهن انهن بس روڪي ۽ ڊرائيور جي سيٽ تي هڪ ڇوڪرو ويٺل ڏٺو، جيڪو پنهنجي گرل فرينڊ کي اسڪول کان واپس وٺي اچي رهيو هو. پوليس عملدارن موجب اهو اڃا تائين واضح ناهي ته ڇوڪر ماسٽر ڪي ڪيئن حاصل ڪئي ۽ اهڙي مهارت سان بس هلائڻ ڪٿان سکيو.

واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ ڇوڪرو مختلف الزامن کي منهن ڏئي سگهي ٿو، جن ۾ چوري ۽ لائسنس کان سواءِ ڊرائيونگ شامل آهي.