گرمي سبب ڪينجهر تي سياحن جي رش، ڪراچي واسي 2 نوجوان ٻڏي فوت

گرمي سبب ڪينجهر تي سياحن جي رش، ڪراچي واسي 2 نوجوان ٻڏي فوت

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) گرمي جي شدت ۾ اضافي سبب ڪينجھر ڍنڍ تي سياحن جي رش، ھڪ ئي ڏينھن ۾ ڪينجھر ۾ وھنجندي 2 نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا. گرمي جي شدت ۾ اضافي شرط ئي ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي انگ ۾  سياحن ڪينجھر ڍنڍ طرف رخ ڪيو آهي، موڪل واري ڏينھن رش رهي، ڪينجھر ڍنڍ ۾ وھنجڻ دوران 2 نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا ، جن ۾ سرجاڻي ٽائون ڪراچي واسي زين پٽ طاھر انصاري ۽ لانڍي ڪراچي واسي نوجوان خليل احمد جي لاشن کي مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڪڍيو ويو، ٺٽو اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش ڪراچي کڻائي ويا، ايس ٽي ڊي سي ڪينجھر جي انچارج مخدوم گلزار چيو آھي ته ٻئي نوجوان ڪينجھر جي مختلف پوائنٽس تي ٻڏا آھن جتي نوجوان ٻڏا آھن اتي پاڻي گهٽ آھي، ھن چيو ته ڪينجھر جي اونھي پاڻي ۾ وھنجڻ تي بندش آھي جڏھن ته ھڪ نوجوان ڪينجھر جي اولڊ پوائنٽ ۽ ٻيو ريسڪيو سينٽر کان پري ٻڏو آھي جتي پڻ پاڻي گهٽ آھي.