| گرمي: لاباري لاءِ آيل ٿري ڳورهاري ناري ٻانڌي ۾ فوت |
ٻانڌي (ن پ ا) ٿرپارڪر کان ڪڻڪ جي لاباري سانگي پھتل ڀيل برادري جي ڳورهاري عورت سويرا زال گلجي ڀيل گرمي جي سٽ نه سھندي فوت ٿي وئي، سندس لاش قانوني ڪاروائي ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث عورت جو لاش ايمبولنس ذريعي ٿرپارڪر کڻائي ويا