گرمي ۾ واڌ سان بجلي جي اکٻوٽ به وڌي وئي، ڪاروهنوار متاثر، شهري بي حال

جُون 24, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ گرمي وڌڻ جي ڪري بجلي جي گهرج ٻيڻ تي وڌي وئي، بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 765 ميگا واٽ ٿي ويو

پاور ڊويزن موجب هن وقت بجلي جي  مجموعي پيداوار 20 هزار 235 ميگا واٽ آهي ۽ملڪ ۾ بجلي جي طلب 27 هزار ميگا واٽ آهي

ذريعن موجب پاور سسٽم اوور ليڊ ٿيڻ سبب اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي، ملڪ ۾ 8 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪانوَ جي اک ڪڍندڙ گرمي جاري آهي، گرمي دوران بجليءَ جي اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شهرين جو عذاب ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي جي به اڪثر علائقن ۾ لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو پريشان آهن ۽ ڪاروهنوار متاثر ٿي رهيو آهي

Leave A Comment