| گرهوڙ ۾ ڊرائيور جو ڪتي سان برو فعل، وڊيو وائرل، گرفتار |
سنڌڙي(ن پ ا) گرھوڙ شريف ۾ ڪتي سان مبينا برو عمل ڪندي وين ڊرائيور جي ويڊيو وائرل ٿي وئي، ميرپورخاص کان گرھوڙشريف لائين تي وين ھلائيندڙ ڳوٺ اسماعيل ڪنڀار جي رھواسي وين ڊرائيور جي ويڊيو وائرل ٿي وئي، گرھوڙشريف جي رھواسي ڀٽو شاھه جو چوڻ ھو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ھلائيندڙ ڪتن تان نٿا مڙين عورتون، ٻارڙا انھن کان ڪئين محفوظ ھوندا، قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، جڏھن ته ڦلھڏيون پوليس ڪارروائي ڪندي الزام ھيٺ آيل وين ڊرائيور محمد بخش ماڇي کي ميرپورخاص بس ٽرمينل تان گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار موجب مون پيشاب پي ڪيو پي ڪتي پري ويٺل ھئي ويڊيو ڀري مون تي ڪوڙو الزام ھنيو ويو آھي، ڦلھڏيون پوليس موجب جوابدار گرفتار آھي، وڌيڪ جانچ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڪافي سال اڳ الزام ھيٺ آيل محمد بخش ماڇي علي رضا ماڇي جي قتل ڪيس ۾ ڪجھ عرصو جيل ۾ ھو جيڪو بعد ۾ بري ٿي ويو ھو . شاعره ۽ سوشل صارف خالده منير لکيو آهي ته آڳاٽي دور کان وٺي هاڻي تائين گهر ۽ مال جي حفاظت لاءِ ڪتو پاليو ويندو هو ۽ آهي ،هاڻي ڪتو پاڻ محفوظ ڪونهي سماج ڪتي جي رهڻ جهڙو به ڪونهي. جانورن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ اداره توڙي تنظيمون بلڪل خاموش نظر آيون، نه ڪنھن نوٽيس ورتو.