گرين انيشييٽو جي نالي سنڌو درياھ تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، 6 ڪئنال سنڌ سڪائڻ جي سازش آهن: سنڌو نواز

نومبر 24, 2024

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ رواداري ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ ۾ رواداري جي قيام ۽ سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف حيدرآباد ۾ زبردست احتجاجي مارچ ڪري مذهبي انتهاپسندي ۽ سنڌو تي ڪئنالن جي اڏاوت کي رد ڪيو ويو.  رواداري مارچ اولڊ ڪئمپس ماڊل اسڪول کان شروع ٿيو جيڪو ايس ايس پي آفيس روڊ ۽ ميران محمد شاهه روڊ تان ٿيندو پريس ڪلب پهتو جتي ڌرڻو به هنيو ويو. رواداري مارچ ۾ پ پ شهيد ڀٽو، عوامي تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي، پورهيت مزاحمت تحريڪ، نيشنل ٽريڊ يونين، هيومن رائٽس ڪميشن، سنڌ هاري ڪميٽي، سنڌياڻي تحريڪ، ٽرانسجينڊر ۽ ٻين مختلف سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيمن جي ڪارڪنن، اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن ۽ صحافين به شرڪت ڪئي. سنڌ رواداري ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد ۾ رواداري مارچ ڪري انتهاپسندي کي رد ڪيو ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل ۾ ملوث دھشتگردن کي گرفتار ڪيو وڃي. گرين انيشييٽو پاڪستان جي نالي ۾ سنڌو درياھ تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. سنڌو تي 6 ڪئنال ٺاھي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي.  هن چيو ته اسان کي ڀلي پنهنجيون جانيون قربان ڪرڻيون پون پر سنڌو تي ڌاڙا هڻڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي وري انتهاپسندي کي وڌڻ ڏنو ويندو. هن چيو ته سنڌو درياھ جو پاڻي اسان لاءِ ماءُ جي ٿڃ برابر آهي ۽ درياهه جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي جا اسين وارث آھيون.  ڪامريڊ عاليه بخشل ٿلھو چيو ته سنڌ صوفين ۽ امن جي ڌرتي آهي. سنڌ کي هٿ وٺي مذهبي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. سنڌ جا ماڻهو راواداري جي قائل آهن  ان ڪري اسين مذهبي انتهاپسندي کي برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته سنڌو ۾ اسان جو ساهه آهي ان تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا. ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن اسد اقبال بٽ چيو ته پنجاب پنھنجا 3 دريا وڪرو ڪري ڇڏيا. هاڻي هو سنڌو درياهه تي قبضو ڪرڻ ٿو چاهي. سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت سان سنڌ ۾ پاڻي جي گهٽتائي ٿي ويندي ۽ سنڌ جا ماڻهو معاشي طور بدحال ٿي ويندا. هن چيو ته سنڌو درياهه تي وڌيڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي ڪا گنجائش ڪونهي. اهو عمل سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آھي جيڪا سنڌ جا ماڻھو ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌي ھزارين سالن کان مذھبي طور روادار رهيا آھن جن ڪڏھن به مذھبي انتھاپسندي کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو آهي. ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي جي سرڪار انتھاپسندن سان گڏ بيٺل آھي. هن چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سنڌ ۾ ھٿ سان پيدا ڪيل انتھاپسندي جا اڏا ختم ڪيا وڃن. ھن چيو ته سنڌو درياهه جا مالڪ سنڌي آهن. سنڌ جو نالو به سنڌو درياهه جي ڪري پيل آهي. پنجاب پنھنجن پنجن دريائن جو مالڪ ھو پر هن پنهنجا درياهه وڪڻي ڇڏيا. صدر، وزيراعظم ۽ پنجاب سنڌو درياهه جو فيصلو ڪرڻ جو ڪو حق نٿا رکن. سنڌو درياهه قدرت جو سنڌ کي ڏنل تحفو آھي. حڪمران قدرت جي ڏنل فيصلي جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪن. ھن چيو ته سنڌ جو تيل، گئس ۽ ٻيا وسيلا پنجاب جي قبضي ۾ آھن ۽ ان قبضاگيري ۾ پ پ سھولتڪار بڻيل آھي. رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو چيو ته سنڌ رواداري ڪميٽي لٺيون کائي به ثابت ڪيو ته سنڌ صوفياڻي ۽ سيڪيولر ڌرتي آھي. سنڌ جا ماڻھو بيگناهه ڪنھن کي به ڪسڻ نه ڏيندا. ھن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جي ڪيس ۾ اڃا انصاف نه مليو آهي. ڊي آءِ جي جھڙو ماڻھو عدالت ۾ اچي چئي ٿو ته مون اڃا شاھنواز ڪيس ۾ ضمانت نه ڪرائي آهي. اسان مطالبو ٿا ڪريو ته جن جوابدارن جي ضمانت نه ٿي آهي انھن کي هٿڪڙيون ھڻي گرفتار ڪيو وڃي. ھن چيو ته ڪراچي ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو. اڄ حيدرآباد کي سيل ڪري خوف پيدا ڪيو ويو پر ان جي باوجود سنڌ جا باشعور ماڻهو مارچ ڪري پريس ڪلب پهتا آهن. هن چيو ته سنڌو تي ڌاڙي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته اسان کي جي ايم سيد ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سنڌ گهرجي ٿي. سنڌ آهي ته اسين آهيون ۽ سنڌو آهي ته سنڌ باقي رهندي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو مذهبي انتهاپسندي جي خلاف آهن ۽ هو پنهنجي وجود توڙي سنڌو کي بچائڻ لاءِ آخري حد تائين جدوجهد ڪندا. امر سنڌو چيو ته عمرڪوٽ واقعي تي سنڌ جي ماڻھن خوف کي ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جي باشعور ماڻهن پنهنجي سڃاڻپ کي بچايو. ھن چيو ته سنڌ جي بقا لازمي آھي. سنڌ جي بقا سنڌو درياھ سان ٻڌل آھي. سنڌو درياھ اسان جي تھذيبي سڃاڻپ ۽ جياپي جي جنگ آھي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ، مذهبي رواداري ۽ سنڌو درياهه تان هٿ نه کڻندا. عائشه ڌاريجو چيو ته سنڌو درياھ تي ڪئنال ڪڏھن به ٺاھڻ نه ڏنا ويندا. حڪمرانن کي اھڙو فيصلو ھر صورت ۾ واپس وٺڻو پوندو. سنڌ جو عوام ڪئنالن کي رد ڪري چڪو آھي. ھن چيو ته سنڌ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿانھين قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. حڪمرانن کي گهرجي ته هو ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. صوفي جونيئر جانڻ چن چيو ته سنڌ جي اصل مولوين ۾ انتھاپسندي نه آهي پر ٻاھران آيل ماڻهو انتھاپسندي ۾ ملوث آهن. ھن چيو ته دنيا اڄ نفرتن جي باھ ۾ سڙي رھي آھي، اتي سنڌ ئي آهي جيڪا دنيا کي امن جي حوالي سان اتساهه ڏي ٿي. ھن چيو ته اسان مذھبي انتھاپسندي کي رد ڪريون ٿا. سنڌ کي سنڌ جو سيڪيولر روح ئي بچائي سگهي ٿو. ڪامريڍ زھرا چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي سنڌين جو حق آھي ۽ اھا اسان جي ريڊ لائن آھي. ان ريڊ لائين تي اسان پنھنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ بدر چنا چيو ته سنڌو درياھ تي ڪو به ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو. سنڌو تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين. سنڌ اھڙن غيرقانوني ڪئنالن کي رد ڪري چڪي آھي. سنڌ صوفين جي سرزمين آھي جيڪا انتھاپسندي کي به رد ڪري ٿي. ڪامريڊ حسن منصور چيو ته سنڌ ۾ انتھاپسندي ۽ پاڻي تي حملو سنڌ جي تھذيب تي حملي جي برابر آهي. حڪمرانن سنڌ جا وسيلا کسڻ جا منصوبا جوڙي رهيا آھن جنهن خلاف سنڌ سخت مزاحمت ڪندي. ھن چيو ته سنڌ ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل ۽ ان جي مذھبي انتھاپسند قاتلن خلاف ميدان تي سراپا احتجاج آھي. ھي جنگ سنڌ جي وجود کي بچائڻ جي جنگ آھي. سنڌ جي بقا جي ويڙھ اسان سڀني جي ويڙھ آھي ۽ ان ويڙھ ۾ سمورا باشعور ماڻھو شامل آھن. ھن چيو ته سنڌ جا حڪمران وڏين قوتن جا پوئلڳ آهن ان ڪري هٿ وٺي انتهاپسندي ۽ سنڌ دشمني کي هٿي ڏني پئي وڃي. احتجاجي مارچ ۾ نامياري قانوندان ماما يوسف لغاري، دانشور جامي چانڊيو، تاج جويو، عوامي تحريڪ جي نور احمد ڪاتيار، ايڇ آر سي پي اڳواڻ قاضي خضر، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر بخشل ٿلهو، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ لعل شاهه، ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ اقبال خان، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ مسرور شاهه، ويف جي اڳواڻ عرفانه ملاح، حسين مسرت، سنڌياڻي تحريڪ جي عمره سمون، فقير امداد ملاح، حمز علي چانڊيو، انيل حب علي، غفرانه آرائين، شبنم گل، واجد لغاري، پشپا ڪماري، روبينه چانڊيو، صائمه جعفري، سينيئر صحافي لالا رحمان سمون، اقبال ملاح، اسد اقبال بٽ، جوشيلو سنڌي، سليم جروار، ناصر منظور، امداد چانڊيو، بختاور ڄام، رخسانه پريت، نجمه پنهور، نسيم جلباڻي، گلبدن جاويد مرزا، ماروي اعواڻ، ماروي لطيفي، رميش گپتا، ايڊووڪيٽ جي اين جروار، مرتضيٰ سيال، فاطمه مجيد، مصطفيٰ ميراڻي، سعيد بلوچ، عباس کوسو، فرحانه سولنگي، رحمت الله سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

Leave A Comment