| گرين لينڊ جو آمريڪا ۾ شموليت کان انڪار، نٿو مڃان: ٽرمپ |
واشنگٽن/ ڪوپن هيگن (م ڊ) گرين لينڊ جي وزيراعظم جينس فريڊرڪ نيلسن آمريڪا سان شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي ماڻهن کي فوري طور تي ملڪ چونڊڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته آمريڪا جي ڀيٽ ۾ ڊينمارڪ کي ترجيح ڏيندا. صدر ٽرمپ چيو آهي ته گرين لينڊ جو وزيراعظم پنهنجي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيو آهي. گرين لينڊ جي وزيراعظم جينس فريڊرڪ نيلسن چيو ته گرين لينڊ آمريڪا جي ملڪيت نٿو چاهي. گرين لينڊ آمريڪا جي حڪومت نه ٿو چاهي. گرين لينڊ آمريڪا جو حصو نه ٿيندو. اسان اڄ گرين لينڊ کي چونڊيون ٿا جيڪو ڊينمارڪ جي بادشاهت جو حصو آهي. صدر ٽرمپ کان نيلسن جي بيان بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته اهو انهن جو مسئلو آهي. مان انهن سان متفق نه آهيان… اهو بيان هن لاءِ هڪ وڏو مسئلو پيدا ڪرڻ وارو آهي. هن چيو ته گرين لينڊ تي آمريڪي ڪنٽرول کان گهٽ ڪجهه به “ناقابل قبول” آهي، آمريڪا کي قومي سلامتي جي مقصدن لاءِ علائقي جي ضرورت آهي، جيڪو بدلي ۾ نيٽو کي مضبوط ڪري سگهي ٿو. اهو دفاعي ميزائل نظام گولڊن ڊوم لاءِ ضروري آهي جيڪو اسان ٺاهي رهيا آهيون.