چارلس ڊڪنز (1812 – 1870) جو ناول “گريٽ ايڪسپيڪٽيشنز” انگريزي ادب جو هڪ اهڙو شاهڪار ناول آهي، جنھن تي ھن وقت تائين جي دستياب معلومات جي مطابق 1917ع کان وٺي 2023ع تائين تقريبن اوڻيتاليھ نقل (ايڊاپٽيشنز) تيار ڪيا ويا آھن جن ۾ ويھ فيچر فلمون، تيرنھن پڌري (اسٽيج) ۽ 5 ٽي وي ناٽڪ بشمول 2023ع ۾، بي بي سي پاران تيار ڪيل ڇھن قسطن تي آڌاريل ھڪ سلسليوار ناٽڪ به شامل آھن. ھي ناول انسان جي مختلف نفسياتي ڪيفيتن، طبقاتي تضادن، سماجي تڪرارن، ذاتي اميدن ۽ پاڻ ۽ جڳ سڃاڻپ جهڙن عنصرن، گڻن ۽ اوگڻن کي تمام سھڻي نموني ۽ سگھاري مهارت سان اسان جي آڏو پيش ڪري ٿو. چارلس ڊڪنز توڻي جو ھن ناول کي وڪٽوريا دور (1837 – 1901) ۾ لکيو ۽ ناول پهريون ڀيرو 1860ع ۾ ڇپيو، پر ان جي موضوعاتي گھرائي ۽ ادبي اھميت اڄ به اوتري ئي پراثر آھي ۽ ھي ناول اڄ به صفِ اول جي ناولن ۾ شمار ٿئي ٿو. تنقيدي حوالي جي طور تي ڏٺو وڃي ته گريٽ ايڪسپيڪٽيشنز ۾ انسان جي ظاهري ڪاميابي ۽ اندروني ناڪامين جي جيڪا تصوير چٽي وئي آھي اھا انسان جي عمومي خواھشن ۽ خصوصي اميدن جي بھترين عڪاسي ڪري ٿي. چئي سگھجي ٿو ته ھي ناول انساني خواھشن، اميدن ۽ اطمينانن جي وچ ۾ جيڪا جنگ ساري عمر ھلندي رھي ٿي ان کي سمجھڻ جي لاءِ ھي ھڪ عظيم داستان وارو ناول آهي. ناول جو مرڪزي ڪردار ”پِپ“ آھي جيڪو وڏا خواب ڏسي ٿو ۽ پنھنجي خانداني پسمنظر ۽ موجودھ سماجي حيثيت کان تنگ آھي. ھو ان مان ڪھڙي به طريقي سان نڪرڻ جا جتن ته ڪري ٿو ۽ شھر وڃي ھڪ “جينٽلمين” ٿيڻ جي حتمي خواهش به رکي ٿو پر ان جي لاءِ ھن کي جيڪي ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا ۽ زندگي جن سٺن برن تجربن مان گذرڻو پوي ٿو ھي ناول ان تي به خوب روشني وجھي ٿو. چارلس ڊڪنز، پِپ جي ڪردار ۾ ھڪ انسان جي خواهشن ۽ خوابن جي ذريعي ھي ڏيکاري ٿو ته سماجي حيثيت جي تبديلي، ھڪ ماڻھو لاءِ ڪيتري ضروري آھي ۽ اھا ھن جي شخصيت ۽ ھن جي اخلاقي فطرت کي ڪيئن متاثر ڪري ٿي. ناول مس هيوشيم ۽ ايسٽيلا جهڙن ڪردارن جي شڪل ۾ طبقاتي غرور، جذباتي لڳاءُ ۽ دٻاءُ ۽؛ انساني محرومين کي سماج جي علامتن جي طور تي اسان جي سامھون آڻي ٿو ۽ ھڪ اھڙي دنيا کان خبردار پڻ ڪري ٿو جيڪا دنيا ظاھري صورت ۾ ته ڏاڍي خوبصورت آھي پر ان جو اندر تمام گھڻو کوکلو آھي. پنھنجي ئي ھن ناول ۾ ڊڪنز سماج تي تنقيد ڪندي به نظر اچي ٿو ۽ اسان کي پنھنجي ھن، ادبي شاھڪار جي وسيلي ڪيڏي نه سھڻي مھارت سان ٻڌائي ٿو ته: انسان جي سچي قيمت سندس دل ۽ عملن ۾ آهي، نڪي ھن جي دولت ۾ ۽ نڪي ھن جي شاندار لباس ۾ لڪل آھي.
ناول ۾ انسان جي نفيسات جي عڪاسي ته ڪئي ئي وئي آھي پر ھن جي اخلاقي اوسر ۽ ھن جو سماج ۾ ھڪ بھترين مقام حاصل ڪرڻ جھڙن موضوعن کي نمايان پڻ ڪيو ويو آھي ۽ ان جي نمائندگي پپ جھڙي ڪردار ۾ ڪرڻ ھن ناول جي سڀ کان اهم ۽ وڏي خوبي آهي. پِپ ھڪ اھڙو ڪردار آھي جيڪو پنھنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي، وٽ پلجي وڏو ٿئي ٿو. ھڪ خودپسند چاچي جي سھاري، مس ھيويشم جي حويلي ۾ وڃي کيڏڻ ۽ ڪم ڪرڻ کانپوءِ پپ کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ته نظر اچن ٿا پر اڳتي وڌڻ جو رستو پوءِ به راز ئي رھي ٿو. مس ھيويشم ھڪ اھڙي عورت آھي جنھن سان پيار ۾ وڏو ڌوکو ٿيو آھي ۽ ان ڌوکي جي پاداش ۾ ھوءَ پاڻ کي سڄي عمر حويلي جي ڪمرن تائين محدود ڪري ڇڏي ٿي. مس ھيويشم پنھنجي پيار واري دوکي جي پلاند خاطر ھڪ ڇوڪريِ ايسٽيلا کي تاتيو پاليو ھوندو آھي جنھن کي ڇوڪرن سان ڪوڙو پيار رچائڻ جي ڍونگ ۾، ھڪ ٽول طور استعمال ڪندي رھي ٿي. ايسٽيلا کي پپ جي ويجھو به ڪري ٿي ۽ چئيس ٿي ته ھن جي دل کي ساڙ. پيار جي انھيءَ ڍونگ ۾، پپ کي ايسٽيلا سان شديد محبت ته ٿي وڃي ٿي جنھن جو ھو ايسٽيلا سان اقرار به ڪري ٿو پر ايسٽيلا ھن کي کنگھي ئي نٿي. ھڪ ڏينھن لندن جو ھڪ وڪيل ھن جي ڀيڻوئي سان صرف انھيءَ ڪري ملڻ اچي ٿو ته جيئن ھو پپ کي پپ جي ئي ھڪ سڄڻ جي خواھش جي موجب لنڊن وٺي وڃي ۽ ھن کي جينٽلمين بڻائي. پپ شھر وڃي ٿو. پنھنجي قسمت کي سنوارڻ جا جتن به ڪندو رھي ٿو.
گريٽ ايڪسپيڪٽيشنز اڄ جي دنيا سان به ڀرپور ٺھڪي ٿو. اڄ جي دنيا ۾، جتي ماڻهو سوشل ميڊيا جي سحر، دنياوي چمڪ ۽ شهرت جي پويان ڊوڙ ۾ گم آهن ته اتي گريٽ ايڪسپيڪٽيشنز کي پڙھڻ، سمجھڻ ۽ پرکڻ وڌيڪ اهم ٿي پيو آهي. اسان جو جديد سماج به ظاهري ڪاميابين، مالي ۽ سماجي حيثيت ۽ ھلندي پڄندي کي ترجيح ڏئي ڏئي ٿو، پر ڊڪنز جو گريٽ ايڪسپيڪٽيشنز اسان کي چئي ٿو ته انساني سماج جا اصل قدر، ايمانداري، همدردي ۽ پاڻ سڃاڻڻ آھن. ناول تي عالمي سطح تي ڪيتريون ئي فلمون، ناٽڪ ۽ ڪتاب لکجي چڪا آھن. 2023ع ۾ بي بي وارن ڇھن قسطن تي سلسليوار ھڪ ناٽڪ به تيار ڪيو آھي. اندازو لڳائي سگھو ٿا ته ناول پنھنجي موضوع جي حساب سان ڪيترو سگھارو آھي ۽ ھر دور سان مطابقت رکڻ جي ڪري ڪيڏو نه مقبول ۽ مشھور آھي. اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته نفسياتي جاکوڙ، سماجي نابرابري ۽ ذاتي ترقي جهڙا موضوع، انساني سماج جي هر دور سان واسطو رکن ٿا، شايد اھوئي سبب آھي جو 1860ع ۾ لکيل ناول “گريٽ ايڪسپيڪٽيشنز” جي اھميت اڄ به جيئن جو تيئن برقرار آھي. مختصر طور گريٽ ايڪسپيڪٽيشنز رڳو هڪ ناول ناهي؛ پر ھي انسان جي اندروني سفر، اميدن جي دنيا، پيار ۾ ڌوکن ۽ سچن انساني جذبن جي ڳولا جو ھڪ لازوال ۽ شاهڪار قصو آهي. ناول جو پھريون ايڊيشن ٽن واليومز ۽ ھزار کان مٿي صفحن تي مشتمل ھو ۽ پڄاڻي درديلي رکي وئي ھئي پر ڊيڪنز پنھنجي ھڪ دوست جي چوڻ تي پڄاڻي کي خوش دلي وارو نه پر، پنھنجي مرضي وارو يعني مبھم رکي ڇڏيو. جڏھن ھن کان سبب پڇيو ويو ته ھن بس ايترو چيو ته پڄاڻي جو فيصلو پڙھندڙ پاڻ ڪن. بعد وارا ايڊيشنز وقت گذرڻ سان گڏ مختصر ٿي اڄ پنج سئو جي قريب قريب صفحن جا ٿي ويا آھن. آخر ۾ بس ايترو ته سنڌ جو تعليم کاتو جس لھڻي ٿو جو ھن گريٽ ايڪسپيڪٽيشنز کي ٻارھين درجي جي نئين انگريزي درسي ڪتاب جو اھم حصو بڻايو ويو آھي.