| گريڊ 5 کان 15 تائين جي ڀرتين لاءِ مول متا جاري: 5 گريس مارڪن جو به اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت گريڊ 5 کان 15 تائين جي سرڪاري نوڪرين تي ڀرتين جي حوالي سان مول متا جاري ڪيا آهن. سروسز کاتي جي اختيارين پاران ڀرتين جي طريقيڪار بابت جاري ڪيل هدايت نامي موجب 50 سيڪڙو کان گهٽ مارڪن وارن اميدوارن کي ڊيپارٽمينٽل سليڪشن ڪاميٽي 5 نمبر ڏئي سگهي ٿي، جڏهن ته هر هڪ خالي پيل جاءِ لاءِ 5 اميدوارن کي انٽرويو لاءِ چونڊيو ويندو، وڌيڪ خالي جاين لاءِ به ساڳئي طريقي تحت فهرست تيار ڪئي ويندي. جاري ڪيل پاليسي ۾ چيو ويو آهي ته انٽرويو ڏنل اميدوارن جي فهرست تيار ڪري، 90 ڏينهن اندر اختيارين کي موڪلي ويندي ته جيئن ڀرتي جي عمل کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي.