گريڊ 5 کان 15 تائين سرڪاري نوڪرين تان پابندي ختم؟ سنڌ ڪابينا اجلاس اڄ طلب    

گريڊ 5 کان 15 تائين سرڪاري نوڪرين تان پابندي ختم؟ سنڌ ڪابينا اجلاس اڄ طلب    

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سنڌ ڪابينا جو اڄ اجلاس طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين سرڪاري نوڪرين تان پابندي ختم ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ لڳل نيو ڪيپيٽو پاور پلانٽس جي نالي ۾ سبسڊي جعلي اڪائونٽس ۾منتقل ڪرڻ واري اسڪينڊل ۾ ملوث ڪامورن خلاف ڪارروائي وارا معاملا ايجنڊا ۾ شامل ڪيا ويا آهن. شگر سيڪٽر کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ ۽ شگر ملون وقت سِر هلائڻ وارا معاملا ايجنڊا ۾ شامل  ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ سنڌ سول سرونٽس هائوسنگ فائونڊيشن جي ايم ڊي جي مقرري جي منظوري ورتي ويندي، اهڙي طرح نيب پاران منتقل ڪيل ڪيسن جي ٻڌڻي ۽ اُڪلاءُ لاءِ ڪراچي ۾ نئين اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي قيام وارو معاملو غور هيٺ آڻيو ويندو. جڏهن ته سنڌ چيئرٽي رجسٽريشن اينڊ ريگيوليشن ڪميشن جي نئين سِر جوڙجڪ جي حوالي سان غور ڪيو ويندو،  گهريلو ورڪرز بِل 2025 جي حوالي سان پڻ غور ويچار ٿيندو. سنڌ ڪابينا جي اجلاس اڄوڪي اجلاس ۾ مجموعي طور تي 62 ايجنڊائون شامل ڪيون ويون آهن.