گرگهل شاهه جي ميلي جي ٽين ڌمال، ملاکڙي ۾ علي نواز ناريجو، گڊو ابڙو، شڪور شيدي جي سرسي

گرگهل شاهه جي ميلي جي ٽين ڌمال، ملاکڙي ۾ علي نواز ناريجو، گڊو ابڙو، شڪور شيدي جي سرسي

نئون ديرو(ن پ ا) درگاهه شهيد گرگهل شاهه بادشاهه جي سالياني ميلي ۾ ملاکڙو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو. پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي ملهه پهلوانن علي نواز ناريجو، شڪور شيدي، گڊو ابڙو، اورنگزيب ناريجو سميت ٻين ملهه پهلوانن زور آزمائي ڪري مخالف پهلوانن کي ڦيراٽيون ڏئي پٽ تي ڦهڪائي غش ڪري ڇڏيو ۽ ملاکڙو ڏسڻ لاءِ ويٺل ماڻهن کان روڪ انعام حاصل ڪري ويٺلن کي خوب تفريح فراهم ڪئي. ٻئي ڏهاڙي ملهه ملاکڙي ۾ علي نواز ناريجو، گڊو ابڙو، شڪور شيدي، مخالف پهلوانن کي هارائي پهرين، ٻئي ۽ ٽئين پوزيشن تي ڪاميابي حاصل ڪري انعام حاصل ڪيا. پهلوانن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ملهه ڏينهون ڏينهن پٺتي پوندي پئي وڃي ۽ ان جو سبب سرڪاري بي ڌياني آهي جيڪڏهن سنڌ جي ثقافتي راند کي سنڌ حڪومت ٻين راندين جيان هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون وٺندي ته ملهه پهلوان پوري دنيا ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا. ملهه پهلوانن کي ضلعي سطح تي ڪوچ مقرر ڪري نوان ملهه پهلوان تيار ڪيا وڃن ته جيئن هو اڳتي هن راند کي کڻي هلي سگهن جڏهن ته بيمار پهلوانن جي سهائتا ڪئي وڃي ۽ خاص وظيفا مقرر ڪرڻ سان گڏ نوجوان پهلوانن کي سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن ته جيئن هو معاشي طور تي مضبوط ٿي سگهن. هوڏانهن ميلو ۽ ملاکڙو گهمڻ لاءِ آيل ماڻهن پنهنجي ٻارڙن کي ٻيڙي، ڦرڻي، ريل ۽ جهولن تي گهمائي تفريح ڏياري جڏهن ته ماڻهن گرم گرم جليبي خريد ڪري ٻارڙن کي کارائي ۽ گهر لاءِ پڻ خريد ڪئي. ان کان علاوه ٻارڙن رانديڪن ۽ آرٽيفيشل جيولري جي لڳايل اسٽالن تان خوب خريداري پڻ ڪئي.