| گستاخي ڪيس: انجنيئر مرزا جي درخواست تان اعتراض ختم |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انجنيئر محمد علي مرزا کي گستاخيءَ جو مرتڪب قرار ڏيڻ جي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ خلاف ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي. مرڪزي ڪيس جي ٻڌڻي 12 نومبر تي مقرر ڪئي وئي آهي. ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست تي جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل حافظ محمد طاهر ايوبي عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته رجسٽرار آفيس جا لڳايل اعتراض ختم ڪيا ويا آهن. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته اوهان سادي درخواست ڏني هئي، ان سان گڏ ڪجهه به نه لڳايو هيو. درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته مرڪزي ڪيس سان گڏ دستاويزن لڳل آهن، اسان صرف مرڪزي ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ چاهيون ٿا، اِن ڪري درخواست ڏني هئي. عدالت انجنيئر محمد علي مرزا جي ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي.