گفتگو ـ گفتگو … سنڌياڻي تحريڪ جو احتجاج: روڪ جي روڪي سگهين!

                 گذريل 16 نومبر واري ڏينهن حيدرآباد ۾ سٽي گيٽ کان وٺي پريس ڪلب تائين سنڌ جي بهادر هزارين سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن 27هين آئيني ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن ۽ جاگيرداري نظام خلاف “سنڌ جا وسيلا ۽ وجود بچايو” ريلي ڪڍي. ريلي ۾ سنڌ جا سماجي اڳواڻ، وڪيل، اديب، دانشور، صحافي، شاعر به شامل هئا. احتجاجي ريلي کي پوليس بار بار روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سنڌ جي بهادر ڀينرن پوليس کي بار بار ناڪام ڪيو ۽ هڪ زبردست ريلي ڪڍي. 27هين آئيني ترميم خلاف سڄي ملڪ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو هي پهريون سگهارو عوامي احتجاج هو. هي پُرامن احتجاج سڄي ملڪ لاءِ اتساهه بڻيو آهي. سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي اها روايت رهي آهي ته ڏکئي دؤر ۾ جڏهن هر طرف ماٺار هوندي آهي ته پاڻي ۾ پهريون پٿر عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ هڻندي آهي.

                 سنڌياڻي تحريڪ جي هن ريلي تي سنڌ سرڪار ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، اديب ۽ دانشور جامي چانڊيو، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ جنرل سيڪريٽري سنڌ هائي ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد، ايڊووڪيٽ غفار ناريجو جنرل سيڪريٽري سنڌ هائي ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شمشاد ٻپڙ، سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، ماهنور ملاح، عوامي تحريڪ جو مرڪزي نائب صدر ستار رند، سنڌو ملاح، سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفى` چانڊيو، ماروي سنڌو، لال جروار، رسول بخش خاصخيلي، پرڀات هاليپوٽو سميت 500 سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ شامل آهن. ڪيس ۾ پوليس ڄاڻايو آهي ته پنج سئو ماڻهو احتجاجي ريلي ڪڍي پئي آيا، پوليس ريلي وارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو پوليس کي ڏسي سنھين گهٽين ۾ ڀڄي ويا ۽ هاڻي شهر جو امن امان بحال آهي!

سنڌ سرڪار جيڪو ڪوڙ تي سندرو ٻڌو آهي، ان جو ڪو مثال ناهي. سڄي ميڊيا موجود هئي. ريلي ۾ شامل هزارين بهادر سنڌياڻيون پنڌ ڪنديون رهيون، پرجوش نعرا هڻنديون رهيون، شهر جا روڊ نعرن سان گونجندا رهيا. هڪ گهڙي لاءِ به پوئتي نه هٽيون. سنڌياڻي تحريڪ جي اها روايت آهي ته ڪارڪن ڀينرون جيلن جون عقوبتون برداشت ڪن ٿيون پر هو هڪ گهڙي لاءِ به پوئتي نٿيون هٽن. دشمن جي اڳيان سر نٿيون جهڪائين. سنڌياڻي تحريڪ پنهنجي وطن لاءِ سورمين وارو ڪردار ادا ڪيو آهي.

ٻي پاسي موجوده پيپلز پارٽي سرڪار جا ڪرتا ڌرتا ۽ سينيئر قيادت ايم آر ڊي ۾ جنرل ضياءَ کان لکت ۾ معافيون ورتيون، جڏهن جنرل ضياءَ الحق معاف ڪيو ته پيپلز پارٽي جا چڱا موچارا ماڻهو جيلن مان ٻاهر آيا، ڪي ته وڃي جنرل ضياءَ الحق جي مجلس شورا جا ميمبر ٿيا پر ايم آر ڊي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي قيد ڪيل ڪنهن هڪ به ڀيڻ معافي نامو نه لکيو. سنڌياڻي تحريڪ لاءِ اهو مسئلو نه آهي ته وزير اعظم ڪير ٿو ٿئي يا هو ڪنهن مخصوص پارٽي جي ماڻهوءَ لاءِ نعرا ٿيون هڻن ته وزير اعظم ڦلاڻو ماڻهو ٿئي پر سنڌياڻي تحريڪ لاءِ وزير اعظم واري ڪرسي کان هزارين ڀيرا سنڌ ۽ ان جو وجود، پورهيت ۽ مسڪين ماڻهو وڌيڪ عزيز آهن، جيڪي وزير اعظم ٿين ٿا يا جيڪي وزير اعظم ٿيڻ جا خواهشمند آهن، انهن کي عوام ۽ ڌرتي کان وڌيڪ ڪرسي پياري آهي. هو ڪرسي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا.

پيپلز پارٽي جي قيادت پنهنجي حڪومتي دؤرن ۾ سنڌو درياهه جو سودو ڪيو، جنرل ايوب خان جي ڪابينا ۾ ذوالفقار علي ڀٽو وزير هو، جنرل ايوب خان سنڌو درياهه کي ڀرتي ڪندڙ ٽي درياهه راوي، ستلج ۽ بياس هندوستان کي وڪرو ڪري ڇڏيا، جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب هڪ اکر به نه ڳالهايو، خود موجوده صدر آصف زرداري صاحب سنڌو درياهه مان ڇهن نون ڪئنالن جي منظوري ڏني. ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان پهرين پيپلز پارٽي چيو ته انگ اکر قبول نه ڪنداسين ۽ پوءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سي سي آئي جي اجلاس ۾ ڊجيٽل آدمشماري جا انگ اکر قبول ڪري سنڌ جي آدمشماري گهٽائي ڇڏي، سنڌ جا ٽي صوبائي تڪ ڪٽجي ويا. ٻٽو بلدياتي نظام پيپلز پارٽي آندو، پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت ايس آئي ايف سي جهڙا ادارا جوڙيا، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غريب هارين کي ڏيڻ بدران عالمي ڪمپنين ۽ عرب ملڪن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ميڊيا تي بندش وجهڻ لاءِ پيڪا ايڪٽ آندو، بي گناهه ماڻهن کي ٽي ٽي مهينا ڪيس کان سواءِ کڻي گم ڪري رکڻ جهڙو ايڪٽ پاس ڪرايو. سنڌ جي تهذيبي ۽ تاريخي ماڳن ڪارونجهر، ڪينجهر، هاليجي، ڀنڀور، گورک کي نيلام ڪيو. لکين ايڪڙ زمين بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد، ڪمانڊر سٽي سميت ٻين رهائشي اسڪيمن کي ڏني. سنڌ جي تعليم کي تالا پيپلز پارٽي سرڪار هنيا. نوڪريون سرڪار سڱوري ۾ ويٺل پيپلز پارٽي جا ماڻهو وڪرو ڪن ٿا.

26هين آئيني ترميم جنهن ذريعي اعلى` عدالتن کي مڪمل بي اثر ڪيو ويو، بلاول ڀٽو زرداري صاحب چئي ٿو ته اهو ڪريڊيٽ منهنجو آهي. 27هين آئيني ترميم، جنهن ۾ غير جمهوري ادارن کي آئين ۾ تبديليون آڻي مخصوص عهدا ڏنا ويا. 27هين آئيني ترميم ۾ واضح ڪيو ويو ته ملڪ ۾ قانون سڀني شهرين لاءِ برابر نه آهي، مخصوص ماڻهن صدر ۽ فيلڊ مارشل کي هميشه لاءِ رعايتون ڏنيون ويون. ان سان گڏوگڏ جيڪي آئين ۾ 27هين ترميم ذريعي ترميمون نه ڪري سگهيا، اهي هاڻي 28هين آئيني ترميم ذريعي پيا آڻين. صوبن کي ملندڙ اين ايف سي ايوارڊ جي رقم کي گهٽائڻ ۽ ملڪ ۾ 12 نوان صوبا ٺاهڻ جي رٿا آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت وزير اعظم جي ڪرسي وٺڻ لاءِ سنڌ کي ورهائڻ لاءِ تيار آهي.

هنن سمورن عوام، قومن ۽ ملڪ جي مخالف عملن ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت شامل آهي. ان لاءِ نه رڳو سنڌ جي ماڻهن کي پر سڄي ملڪ جي جمهوريت پسند، عوام دوست، وڪيلن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن کي متحرڪ ٿيڻو پوندو. سنڌياڻي تحريڪ جي ريلي سڄي ملڪ ۾ سياسي طور تمام وڏو ويساهه پيدا ڪيو آهي. سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن تي پُرامن احتجاجي ريلي ڪڍڻ جي ڏوهه ۾ سرڪار پاران داخل ڪيل ڪيس جي سڄي ملڪ جي ماڻهن، بار ايسوسئيشنز، سياسي پارٽين، سماجي ڌرين، اديبن، دانشور، قلمڪارن، صحافين مذمت ڪئي آهي. سنڌ سرڪار ڪيسن، گرفتارين ۽ جيلن ذريعي عوام جي احتجاج ۽ آواز کي دٻائي نٿي سگهي، وقتي طور تي جنرل ايوب، جنرل ضياءِ ۽ جنرل مشرف جا هٿڪنڊا ته موجوده حڪومت استعمال ڪري سگهي ٿي پر گهڻي وقت تائين ڊڪٽيٽرن جي به بادشاهي قائم نه رهي سگهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وسيلن، درياهه، زمينن ۽ وطن جي وجود تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻندا. سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ پنهنجي روايت کي برقرار رکندي جدوجهد جاري رکنديون.

[email protected]