گفتگو – گفتگو … آمريڪا – ايران ڳالهيون: پهرين ٽرمپ پنهنجي لاءِ ڪو ضامن ته ڳولي اچي … نور احمد ڪاتيار

                 گذريل هفتي آمريڪي صدر ٽرمپ ايران کي 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏني هئي ته هو هرمز واري سامونڊي لنگهه جي بندش ختم ڪري، ٻي صورت ۾ آمريڪا ايران جي توانائيءَ جي مرڪزن تي ڀرپور حملا ڪندو. موٽ ۾ ايران به جوابي ڌمڪي ڏني ته اسان به وچ اوڀر جي بجلي گهرن تي حملا ڪنداسين. جنهن کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ايران جي توانائي مرڪزن تي حملا في الحال پنجن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري رهيو آهي ۽ تهران کي ڏنل مهلت وڌائي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته ايران سان “تمام سٺيون ۽ نتيجا خيز ڳالهيون” جاري آهن ته جيئن موجوده جنگ کي ختم ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ ايران ترت ئي آمريڪي صدر جي انهن “ڳالهيون” ڪرڻ وارين دعوائن کي ڪوڙ قرار ڏئي ڇڏيو هو.

                 ان کان پوءِ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پيغام ۾ لکيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهين ذريعي ٿيندڙ ڪوششن جي مڪمل پٺڀرائي ڪري ٿو ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ٿي سگهي. هن لکيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران تيار هجن ته پاڪستان هڪ نتيجا خيز ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ذريعي هن ٽڪراءُ جو ڪو حل ڪڍي سگهجي.

شهباز شريف جي هن بيان کي صدر ٽرمپ “ٽروٿ سوشل” (ايڪس/ٽوئيٽر وانگر هڪ سوشل نيٽ ورڪنگ ايپ) تي جيئن ئي شيئر ڪيو ته اها ڳالهه، خاص ڪري پاڪستان جي ٽي وي چئنلن تي باهه وانگر تيزي سان پکڙجي ويئي. پهلوان ۽ کڙپيل کڙپيل تجزيہ ڪار، جنگين تي تبصرا ڪندڙ ۽ سفارتي ماهر ٽي وي اسڪرينن جي ميدانن ۾ اچي ويا. واه واه ٿي ويئي ۽ اها ڳالهه وڏي زور شور سان ڪئي ويئي ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون پيو ڪرائي، پاڪستان جو دنيا ۾ تمام وڏو مقام آهي ۽ ايران جي هڪ نامعلوم سفارتڪار جو حوالو ڏيئي ان سان اها ڳالهه جوڙي ويئي ته آمريڪا ۽ ايران اسلام آباد ۾ ڳالهيون ڪندا.

نيوز ايجنسي اي ايف پي وائيٽ هائوس جي حوالي سان خبر ڏني تي ته سماجي رابطن جي ويب سائيٽن تي گردش ڪندڙ 15 نڪاتي منصوبو رڳو اندازن تي ٻڌل آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ ڪجهه ڳالهيون صحيح آهن پر جيستائين ڪو سرڪاري اعلان نه ٿئي، تيستائين ڪنهن به اهڙي خبر کي سرڪاري موقف نه سمجهيو وڃي. هڪڙي پاسي وائيٽ هائوس ترديد ٿو ڪري ته ٻي پاسي آمريڪي صدر ٽرمپ جا بيان جاري آهن. هن اهو به چيو ته واشنگٽن ايراني نمائندن سان فون ذريعي پنهنجي ڳالهه ٻولهه جاري رکندو. واشنگٽن ايران ۾ هڪ “اعلى` شخصيت” سان ڳالهيون ڪيون آهن، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ “وڏن نڪتن تي اتفاق” پڻ ٿيو آهي.

اسلام آباد جي تخت به گهٽ ناهي ڪئي. پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سوشل ميڊيا تي چيو آهي ته، ”آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو پاڪستان ذريعي جاري آهي”.

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته آمريڪا پنهنجي جنگي مقصدن ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، جن ۾ ترت حڪومت جي تبديلي شامل هئي. پاڙيسري ملڪن لاءِ منهنجو پيغام اهو آهي ته اهي پاڻ کي آمريڪا کان ڌار ڪن. خطي ۾ فوجي اڏا هجڻ باوجود آمريڪا وچ اوڀر جي ملڪن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. ايراني فوج جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري پاڻ کي دنيا جي وڏي طاقت سڏائيندڙ ٽرمپ لاءِ چيو ته هو پنهنجي هار کي معاهدو ڪوٺي ٿو.

صدر ٽرمپ وري ڌمڪي ڏني آهي ته ايراني فوج مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي ۽ سندن واپسيءَ جو ڪو به امڪان ناهي. “ٽروٿ سوشل” تي جاري ڪيل پيغام ۾ سندس چوڻ آهي ته بهتر اٿن ته هو (ايراني) جلد سنجيده ٿي وڃن، ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي. صدر ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هڪ ڀيرو دير ٿي وئي ته پوءِ ٻيهر موقعو نه ملندو. صدر ٽرمپ مدد نه ڪرڻ تي نيٽو کي وري تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. تازو اسرائيل ايراني پاسدارانِ انقلاب جي بحري فوج جي ڪمانڊر علي رضا تنگسيري کي شهيد ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي. جڏهن ته ايران جي هڪ سينيئر سياسي ۽ بچاءُ واري عهديدار ٻڌايو آهي ته ايران صدر ٽرمپ کي هن جنگ جي ختم ٿيڻ جو وقت طئي ڪرڻ نه ڏيندو. تهران هن جنگ جو انت پنهنجي مرضيءَ واري وقت تي ڪندو، جڏهن سندس شرط مڃيا ويندا.

پاڪستان جي وزير اعظم ميان شهباز شريف ۽ گڏو گڏ نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جون جنگ کي روڪرائڻ، آمريڪا ايران جي وچ ۾ ڳالهيون ڪرائڻ واريون خبرون گرم آهن ته ٻي طرف صدر ٽرمپ جون ايراني قيادت کي ڌمڪيون جاري آهن. جڏهن صدر ٽرمپ ڌمڪيون جاري رکيون آهن ته اها ڳالهه ٺاهه طرف ته نه ويندي. سوال هي آهي ته هن ڳالهين واري مرحلي ۾ ڌمڪين واري ڪارروائي فائديمند ٿيندي؟ هنن ڌمڪين مان لڳي ٿو ته صدر ٽرمپ ڳالهين وارو ڊرامو ڪيو آهي، اڳ ۾ به هلندڙ ڳالهين دؤران ايران مٿان حملو ڪيو ويو ۽ پهرين ڏينهن 28 فيبروري تي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي کي شهيد ڪيو ويو. پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف جيڪو ڳالهيون ڪرائڻ جو ڪريڊٽ کڻي ٿو، ڇا ان ۾ ايتري همٿ ۽ طاقت آهي ته آمريڪي صدر کي ڌمڪين ۽ وڌيڪ ڪارروائين کان روڪي سگهي؟

اهي به خبرون هلايون ويون آهن ته ڳالهين ڪرڻ وارو بيان شهباز شريف کان هڪ منصوبابندي تحت هلرايو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ٽرمپ هن جنگ ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ هو هن جنگ مان جلد جان ڇڏائڻ چاهي ٿو. ان ڪري هو مختلف اٽڪلون استعمال ڪري رهيو آهي. شهباز شريف کي بيدردي سان استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ائين ئي استعمال ڪيو ويو آهي، جئين ڪو وڏيرو پنهنجي ڪمدارن کي استعمال ڪندو آهي. ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل، ايران خلاف جنگ جاري رکي آهي. پاسدارانِ انقلاب جي بحري فوج جي ڪمانڊر کي شهيد ڪيو ويو آهي.

آمريڪي صدر جي حوالي سان گذريل ڏينهن واري روزاني جنگ اخبار ۾ مضمون لکي صحافي حامد مير اهم سوال اٿاريا آهن. هن صدر ٽرمپ کي دوکي باز ڪوٺيو آهي. هن لکيو آهي ته “سوال اهو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي ضمانت ڪير ڏيندو؟” آمريڪا ۽ ايران ۾ ڳالهيون اڳي به ٿينديون رهيون آهن پر انهن ڳالهين کي ايران نه پر هميشه آمريڪا ئي تباهه ڪيو آهي. اهو پهلو به وساري نٿو سگهجي ته هن وقت ترت جنگ بندي ايران جي نه پر ٽرمپ جي وڌيڪ ضرورت آهي. ايران وڏي جنگ لاءِ تيار آهي. ڇاڪاڻ ته ايران ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ (Regime Change) جو خطرو في الحال ٽري چڪو آهي. ٽرمپ کي ان غلط فهمي مان نڪرڻ گهرجي ته جنگبندي هاڻي آمريڪا جي شرطن تي ٿيندي. ٽرمپ جي حيثيت هڪ حملي آور واري آهي. جڏهن ته ايران هڪ مظلوم جي حيثيت ۾ آهي، جنهن رڳو پنهنجي بچاءُ جو حق استعمال ڪيو آهي. عالمي قانون موجب انصاف ان کي ملڻ گهرجي، جيڪو مظلوم آهي. عالمي قانون کي ته ٽرمپ پاڻ ئي بي اثر ڪري چڪو آهي. هو ياد رکي ته هو هي جنگ نه کٽي رهيو آهي ۽ نه ئي هاڻي هو ڪا وڏي طاقت (Super Power) رهيو آهي. سندس شاهي وڏائي ۽ پاڻ کي وڏو سمجهڻ وارو خبط هاڻي زوال جو شڪار آهي. پاڻ کي وڏو سمجهڻ واري خبط جو مقابلو “شهادت جي شوق” سان آهي، جنهن وڏين طاقتن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ڳالهيون ضرور ٿيڻ گهرجن پر پهرين ٽرمپ پنهنجي لاءِ ڪو ضامن ته ڳولي اچي.

[email protected]