گفتگو – گفتگو … امڪاني 28هين ترميم ۽ نون صوبن لاءِ ميڊيا “مالڪن” جي مهم … نور احمد ڪاتيار

                 سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت پيپلزپارٽي جي ٻين وزيرن، صحافين پاران 28هين ترميم جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 28هين آئيني ترميم جو ڊرافٽ اسان نه ڏٺو آهي، اهو اچڻ ڏيو ته پوءِ ڪجهه چئي سگهنداسين. ڏسڻا وائسڻا وزير صاحب اهو به فرمائي رهيا آهن ته 28هين آئيني ترميم جو جواز بڻائي ڪجهه ماڻهو پيپلزپارٽي تي اجائي تنقيد ڪري رهيا آهن. مراد علي شاهه ۽ سندس وزيرن جو اهو طريقيڪار رهيو آهي ته صحافين جي پڇيل سوال جي جواب ۾ چوندا ته بابا ڇڏيو ڇڏيو، اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. پيپلزپارٽي جا ميمبر قومي اسيمبليءَ ۾ ۽ سينيٽ ۾ مڪمل طور تي نواز ليگ جي قيادت سان بيٺل آهن، هر قانوني ترميم تي اسٽيبلشمينٽ جي ها ۾ ها ملائين ٿا پر اها اتفاق جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سندس وزيرن کي نه 26هين، نه 27هين ۽ هاڻي نه ئي 28هين آئيني ترميم جي ڪا خبر پئي ٿي، جنهن تي هي ٻڙڪ به ڪا ٻاهر ڪڍي سگهن. مراد علي شاهه صاحب کان صحافي ڪارونجهر جي حوالي سان سوال ڪندا ته چوندو: ڪارونجهر تي سوديبازي نه ٿيندي، پر ان ڪارونجهر جي ڪٽائي کي روڪڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ فيصلو ڏنو ۽ ان فيصلي خلاف سنڌ سرڪار آئيني عدالت ۾ ويئي آهي. اڃان ڪالهه ڪارونجهر واري ڪيس ۾ آئيني عدالت ۾ سنڌ سرڪار هڪ ڌر طور موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان کي وقت ڏيو، ٻيو وڪيل ڪريون. مطلب ته سنڌ جو وڏو وزير موقف هڪڙو اختيار ڪندو ۽ عملي طور ڪم وري ان جي ابتڙ ڪندو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو به ڪجھ وقت اڳ ٿر ۾ پنھنجي ھڪ جلسي ۾ هڪ خطاب ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان چيو ته اسان ڪارونجھر کي ڪٽڻ نه ڏينداسين. پر آئيني عدالت ۾ ڪارونجھر جو ڪيس ٽرانسفر ڪرائڻ کانپوءِ ان ڪيس جي  پيروي ڪرڻ مان ظاهر آهي ته پيپلزپارٽي جي سموري قيادت عوام اڳيان سکڻا ناٽڪ رچائي ٿي ۽ عملي طور سموري سنڌ وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڪارونجھر جي تحفظ بابت پيپلزپارٽي سنڌي عوام سان ويساهه گهاتي ڪري رهي آهي. مراد علي شاهه چيو ته آدمشماري جا انگ اکر قبول نه آهن، پوءِ وري ڪوڙي ڊجيٽل آدمشماري جا انگ اکر سي سي آئي جي اجلاس ۾ قبول ڪري ان تي صحي به ڪري آيو، ان عمل سبب سنڌ جا ٽي صوبائي تڪ گهٽ ٿي ويا، يعني ههڙو ٻٽو معيار- جنهن جو مثال ڳولهي نه لڀندو! مراد علي شاهه صاحب، نثار کهڙي ۽ ٻين وزيرن موقف اختيار ڪيو ته ڪئنال ڪٿي پيا ٺهن؟ پوءِ جڏهن ڪئنالن خلاف سنڌ جي ماڻهن جي تحريڪ تيزي ورتو ته سي سي آئي جو اجلاس گهرايو ويو ۽ ان ۾ ڪئنالن جي ڳالهه ڪئي ويئي. سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن کي وڪرو ڪرڻ جو اجازت نامو پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار جاري ڪيو، جنهن کان پيپلزپارٽي جي قيادت مسلسل انڪار ڪندي رهي. جڏهن سنڌ جا ماڻهو سامونڊي ٻيٽن خلاف سراپا احتجاج بڻيا ته پوءِ پيپلزپارٽي سرڪار کي اين او سي واپس وٺڻي پئي. ٻٽي بلدياتي نظام جي حوالي سان به پيپلزپارٽي جي سرڪار غلط بيان ڪئي ۽ پوءِ اهو به سرڪار کي واپس وٺڻو پيو.27هين آئيني ترميم پاس ٿيڻ کان پوءِ 28هين آئيني ترميم آڻڻ لاءِ تيزي سان ڪم هلندڙ آهي. 28هين آئيني ترميم ذريعي نوان صوبا ٺاهڻ، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ، بلدياتي نظام کي تبديل ڪرڻ سميت ٻيون ترميمون شامل ڪرڻ جو ڳالهيون هلندڙ آهن. ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ ايم ڪيو ايم سان گڏ لاهور جي هڪ “دنيا” ميڊيا گروپ جي مالڪ عامر محمود کي ميدان ۾ لاٿو آهي، جيڪو “Pakistan 2030: Challenges, Opportunities and New Pathways” (پاڪستان 2030: چيلينجز، موقعا ۽ نوان رستا) جي عنوان هيٺ مهم هلائي رهيو آهي. هن تازو Association of Private Sector Universities of Pakistan (پاڪستان جي خانگي يونيورسٽين جي ايسوسيئيشن) جي سهڪار سان ڪراچي جي هڪ خانگي يونيورسٽي ۾ نون صوبن جي حوالي سان پروگرام ڪيو آهي. اهو پروگرام “دنيا” ٽي وي تي نشر ڪيو ويو آهي. عامر محمود کي جنرل پرويز مشرف لاهور جو ميئر مقرر ڪيو هو. عامر محمود جو سڄو زور ان ڳالهه تي آهي ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺهندا ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. ان لاءِ هن ڪراچي ۾ خاص ڪري شاگردن کي ٽارگيٽ بڻايو آهي ۽ پنهنجي ڳالهين ۾ بنگلاديش ۾ شاگردن جي جدوجهد جا حوالا ڏيئي هتي جي يونيورسٽين جي شاگردن ۾ صوبن جي مهم کي تيز ڪيو ويو آهي. هي صاحب فرمائي ٿو ته اسان جو ڪنهن به سياسي گروپ سان ڪوبه واسطو نه آهي، اسان پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ٿا. صاحب موصوف ٻين ملڪن سميت پاڙي واري ملڪ ڀارت ۾ نون صوبن جا دليل به ڏئي ٿو.

اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مهرن کان اهڙا ڪڌا ڪم وٺندي رهندي آهي. جنرل مشرف جي دور ۾ اسٽيبلشمينٽ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ مهم هلائڻ لاءِ “خبرين” ميڊيا گروپ جي مالڪ ضياءُ شاهد کي ميدان ۾ لاٿو هو، ان به ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ عامر محمود وانگر مهم هلائي. ان جي سنڌي اخبار روزاني “خبرون” به نڪرندي هئي ۽ ان جي سرڪيوليشن انهن ڏينهن ۾ بهتر به هئي. جڏهن اخبار ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ اشتهار شايع ڪرڻ جي ڳالهه آئي ته “خبرون” اخبار جي ايڊيٽر سميت ٻئي اسٽاپ استعيفائون ڏيئي ڇڏيون ۽ پوءِ اهو طاقتور ماڻهن جو طاقتور ميڊيا جو ادارو اڄ ڏينهن تائين پير کوڙي نه سگهيو.

هاڻي وري ميڊيا مالڪ عامر محمود کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي، عامر محمود وفاق پاران صوبن سان جيڪي پهرين ڏينهن کان وٺي بي انصافيون ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي ويئي آهي، ان تي اکر به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. صوبن جي گئس، تيل، ڪوئلي ۽ ٻي معدنيات تي مڪمل وفاق جو ڪنٽرول آهي، گهڻا ٽيڪس وفاق وصول ڪري ٿو. 18هين آئيني ترميم کان پوءِ به صوبن جي ڪيترن ئي کاتن تي وفاق جو سڌي طرح قبضو آهي. پاڻي جي حوالي سان وفاقي اداري ارسا جا فيصلا سراسر صوبن، خاص ڪري سنڌ صوبي جي خلاف هوندا آهن. وفاقي ادارن ۾ صوبن جي ڪوٽا تي نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن، اعلى عدالتن ۾ سنڌي جج ڳولهي نه لڀندا. وفاقي سرڪار 27هين آئيني ترميم ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ گهٽتائي وارو قانون پاس نه ڪرائي سگهي پر هاڻي 28هين آئيني ترميم ۾ امڪان ان ڳالهه جو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي کي گهٽايو وڃي. عامر محمود يا اسٽيبلشمينٽ جي ٻين ترجمانن کي وفاق جون صوبن سان ڏاڍايون نظر نٿيون اچن.

28هين آئيني ترميم ۾ ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ وارو قانون جوڙڻ جو امڪان موجود آهي. ساڳي “دنيا” ٽي وي جي اخبار “دنيا” ۾ 28هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد ۽ ٻين کان مضمون لکرايا پيا وڃن. سنڌ جي ورهاڱي تي پيپلزپارٽي جي قيادت نه عامر محمود، نه ڪنور دلشاد ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم کي جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. سوال ڪرڻ تي پيپلزپارٽي جا وزير چون ٿا ته 28هين آئيني ترميم جو ڊرافٽ اچڻ ڏيو، پوءِ ڏسنداسين. پيپلزپارٽي جي قيادت بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وجود تي وار ڪندڙ هر دشمن قوت سان گڏ بيٺل آهي. نامياري قومي شاعر آفتاب ڪلوئي چيو آهي ته، “ڪرسي ڏيو، بس ڪرسي ڏيو.” تنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي، وجود ۽ وسيلا بچائڻ لاءِ ميدان تي اچن. گذريل 16 نومبر تي سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ حيدرآباد ۾ هنن ئي مسئلن تي تمام وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي آهي. ان جي نتيجي ۾ پيپلزپارٽي سرڪار 500 عورت ڪارڪنن ۽ مردن تي ڪيس داخل ڪيو آهي. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ وري 21 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍڻ اعلان ڪيو آهي. اسان سنڌ سميت سڄي ملڪ جي جمهوريت پسند ۽ وطن دوست ماڻهن کي هڪ ٻئي جو سڏ ورنائڻو پوندو. جابر ۽ ظالم قوتن خلاف ميدان ۾ اچڻو پوندو.

[email protected]