سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين سال 2026ع جي موقعي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي 2025ع کي دفاعي ڪاميابين جو سال ۽ 2026ع کي معاشي ترقي جو سال قرار ڏنو آهي پر جڏهن انهن بيانن کي حقيقت جي آئيني ۾ ڏٺو وڃي ته لفظ رڳو خود فريبي، ۽ تاريخي غلط بيانيءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهن. جنگي جنون کي “فتح” سڏڻ سراسر غير انساني عمل آهي. تاريخ گواهه آهي ته جنگ ڪڏهن به خوشيون ۽ ڪاميابي نٿي آڻي. دنيا ۾ مذهب جي نالي ۾ جنگيون، پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ، افغانستان، وچ ايشيا، فلسطين تي اسرائيلي جنگ، آفريڪا جا خوني تڪرار، انهن سڀني جنگين رڳو لاش، يتيم ٻار، بيواهه عورتون ۽ تباهه سماج پيدا ڪيا آهن. اهڙي جنگي جنون کي ڪاميابي سڏڻ امن جي توهين ۽ انسانيت سان وير آهي.
سال 2025ع ۾ رڳو جنگي بيانيي کي هٿي نه ڏني ويئي پر 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن ذريعي ملڪ جي اعلى عدالت کي بي اثر ڪيو ويو، قانون پاس ڪري ڳائي وڄائي ملڪ جي جمهوريت جو جنازو ڌام ڌوم سان ڪڍيو ويو. انهن ترميمن سان نه رڳو اعلى عدالتن کي ڪمزور ڪيو ويو پر نان سويلين ادارن جي اهلڪارن جي هڪ هٽي کي آئيني جواز فراهم ڪري ڏنو ويو. نتيجي ۾ جمهوريت جو تصور ختم ٿي ويو ۽ هائبرڊ نظام کي وڌيڪ سگهارو بڻايو ويو. عام ماڻهن جي اظهار جي آزادي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آزادي عملي طور دفن ڪئي ويئي. اهڙي عمل ۾ “جمهوريت بهترين انتقام” جون دعوائون ڪندڙ پيپلز پارٽي جا حڪمران وفاقي حڪمرانن سان برابر جا شريڪ رهيا.
سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيانن ۾ صحت جي شعبي ۾ “عالمي معيار” جون سهولتون مهيا ڪرڻ جا دعويدار آهن. نئين سال جي مبارڪن واري بيان ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه وري ورجايو آهي ته “صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون قائم ڪيون ويون ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو هيلٿ نيٽ ورڪ تيار ڪيو ويو.” حقيقت اها آهي ته سنڌ جون سرڪاري اسپتالون ڪوس گهر بڻيل آهن. ڊاڪٽر ڊيوٽي تان غائب هوندا آهن، سالياني ڪروڙين روپين جي بجيٽ هجڻ باوجود مريضن کي دوائون نٿيون ڏنيون وڃن، وارڊ بدبودار هوندا آهن ۽ مريض علاج کان سواءِ تڙپندا رهن ٿا ۽ تڙپيو تڙپيو فوت ٿيو وڃن. فوت ٿيلن جا وارث پنهنجن پيارن جا لاش گڏهه گاڏين، چنگچين ۽ ريڙهن تي کڻن ٿا. عالمي صحت جي اداري (WHO) جا انگ اکر چِٽو ثبوت آهن ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مائرون سنڌ ۾ فوت ٿين ٿيون. سنڌ حڪومت کي هي آئينو عالمي صحت جي اداري ڊبليو ايڇ او ڏيکاريو آهي. پوليو جي خاتمي جي مد ۾ به کربين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن پر سنڌ مان اڃا تائين پوليو جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي. ڊينگي، ڪاري سائي، ڪينسر جهڙا موذي مرض تيزي سان وڌي رهيا آهن. جيڪي حڪمران مائرن جي زندگي بچائڻ ۾ ناڪام ٿين، تن مان چڱائي جي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي؟
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي بيان ۾ سنڌ حڪومت جي سالن 2025 جي ڪارڪردگي ٻڌائيندي چيو آهي ته، “ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ 11 لک گهر تعمير ڪيا ويا، جيڪو عالمي رڪارڊ آهي جڏهن ته 2026 ۾ 20 لک گهر مڪمل ڪرڻ جو منصوبو آهي ته جيئن اهو رڪارڊ ناقابلِ شڪست بڻجي وڃي.” ٻوڏ متاثرين لاءِ 11 لک “گهرن” جي دعويٰ به عوام سان وڏو فراڊ آهي. اهي گهر نه پر بغير سهولتن وارو هڪ ننڍڙو ڪمرو آهي، جنهن ۾ نه باٿ روم، نه رڌ پچاءُ لاءِ رڌڻو، نه چار ديواري آهي. جيڪڏهن اهي عالمي معيار جا “گهر” آهن ته وڏي وزير کي گهرجي ته پاڻ هڪ مهينو اهڙي “گهر” ۾ رهي پوءِ سنڌ جي عوام کي ٻڌائي ته اها رهائش ڪهڙي عالمي معيار جي آهي.وڏي وزير سنڌ جي بهتر تعليم جي حوالي سان به دعوائون ڪيون آهن. تعليم جي شعبي ۾ به صورتحال انتهائي خراب آهي. اسڪولن جي مرمت جي نالي تي ڪروڙين رپيا ٺيڪيدارن معرفت رشوت جي حوالي ٿي وڃن ٿا. ڪيترائي اسڪول رڳو ڪاغذن ۾ آهن، جڏهن ته ٻار کليل آسمان هيٺ پڙهن ٿا. ڪيترن ئي اسڪولن جون ڇتيون ڪري پون ٿيون، معصوم ٻار زخمي ٿين ٿا ۽ اهي خبرون روز اخبارن ۾ شايع ٿين ٿيون. زراعت جيڪا سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حثيت رکي ٿي، ان بابت نئين سال جي مبارڪ واري بيان ۾ وڏي وزير صاحب چيو آهي ته، “زراعت ۾ هاري ڪارڊ، سبسڊي تي ڪڻڪ جي خريداري ۽ ڀاڻ جي فراهمي جهڙن قدمن ذريعي آبادگارن کي تحفظ ڏنو ويو آهي.” زراعت ۾ هاري ڪارڊ جي نالي تي به وڏو دوکو ڪيو ويو آهي. هاري ڪارڊ لاءِ شرط رکيو ويو ته هاري وٽ زمين جا کاتا هجن. يعني روينيو جي رڪارڊ موجب هاري وٽ ستون فارم هجي. جڏهن ته هاري ته اهو هوندو آهي، جنهن وٽ پنهنجي زمين ئي نه هوندي آهي ته هو هاري ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ زمين جو ستون فارم ڪٿان آڻيندو؟ سنڌ سرڪار هاري ڪارڊ هارين بدران زميندارن ۽ وڏيرن کي ڏنا آهن. سي به رشوت عيوض ته جيئن سياسي غلامي جو نظام برقرار رهي. حقيقي هاري اڄ به پيڙجي رهيو آهي. هاري کي نه فصلن جا مناسب اگهه ملن ٿا، نه هاري جا ٻار تعليم پرائي سگهن ٿا، نه ئي هاري کي سرڪار علاج جون سهولتون ڏي ٿي. جاگيردار حڪمران هارين کي ٽيننسي ايڪٽ موجب به سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. هاري ڪورٽون قائم ڪرڻ جو مطالبو هڪ خواب بڻيل آهي. ٽيننسي ايڪٽ جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو پر ان فيصلي کي به سنڌ حڪومت ڪارونجهر جي ڏنل فيصلي وانگر سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي.
سالن 2025ع ۾سنڌ ۾ جاگيرداري نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو. قبيلائي تڪرارن ۾ سوين ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن، عدالتن کان مٿانهان فيصلا ٿيا ۽ سرڪاري ادارا تماشائي بڻيل رهيا. سنڌ تي ڌاڙيل راڄ مڙهيو ويو آهي. ڌاڙيل روز ماڻهن کي اغوا ڪن ٿا، مغوين تي تشدد ڪن ٿا، ڀنگ وٺڻ لاءِ مغوين تي تشدد ڪري ويڊيوز سوشل ميڊيا تي جاري ڪن ٿا پر حڪمران انهن ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ بدران ڌاڙيلن جي مان ۾ شاهي دعوتون ڪن ٿا ۽ معافين جا اعلان ڪن ٿا. سنڌ جي حڪمرانن جي سنڌ سان وفاداري جو ثبوت اهو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ آئيني عدالت جوڙي ويئي ته پهريون ڪيس ڪارونجهر جي حوالي سان کنيو ويو ۽ ان عدالت کان ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ اجازت گهري ويئي. هي عمل صاف ظاهر ڪري ٿو ته حڪمران سنڌ جي وسيلن جا محافظ نه پر هڪ مخصوص گروه جا وفادار آهن. سنڌ ۾ منشيات جو ڪاروبار سرڪاري سرپرستي ۾ منظم طريقي سان هلايو پيو وڃي. خاص ڪري پوليس جي معرفت هي ڌنڌو هلي ٿو. پوليس جيڪا عوام جي محافظ هجڻ گهرجي ها، اڄ سرڪاري وڏيرن جي ڪمدار بڻجي چڪي آهي.
اڄ جڏهن سال 2026ع شروع ٿي چڪو آهي ته سنڌ جو ڪچي وارو علائقو نيٽو جي هٿيارن جي منڊي بڻيل آهي. هن خطرناڪ حقيقت جو اعتراف خود حڪمران جماعت جو سربراهه بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيانن ۾ ڪري چڪو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سوال اهو آهي ته ڇا اهي سڀ تباهيون، قتل، اغوا، ڪوڙا بيان، جمهوري جو قتل، اعلى عدالتن کي ڪمزور ڪرڻ “ڪاميابي” آهن؟ مراد علي شاهه جي 2025ع واري ڪارڪردگي بيان ۾ سنڌ جي بنيادي مسئلن بابت ڪا واضح ۽ عملي ڳالهه شامل ئي ناهي. نيون يونيورسٽيون، زرعي سڌارا، هارين جا حق ۽ تعليم جي بهتري، پاڻي جي برابري واري ورڇ، پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ، سنڌ ۾ نون واهن ۽ شاختن بابت به ڪا ڳالهه نظر نٿي اچي. ٻهراڙين جا روڊ، نوان اسڪول ۽ ڪاليج، نوجوانن لاءِ نوڪريون، عورتن لاءِ عزت ڀريو روزگار، نيون صنعتون قائم ڪرڻ. مطلب ته سنڌ حڪومت جي اهڙي ڪابه ڪارڪردگي ناهي جيڪا مراد علي شاهه سال 2025ع کي الوادع ڪندي کڻي بيان ڪري.
noorkatiar@gmail