27هين آئيني ترميم تي گذريل ٻن مهينن کان پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ ٻين فورمن تي ڳالهه هلندي رهي آهي. سرڪاري سطح تي 27هين آئيني ترميم کي مسلسل مڪمل طرح ڳجهو رکيو ويو. هاڻي جڏهن نواز ليگ پنهنجي حڪومتي اتحادي ڌر پيپلز پارٽي جي قيادت سان ملاقات ڪئي ۽ 27هين آئيني ترميم ڪرائڻ لاءِ حمايت گهري ته بلاول ڀٽو زرداري مجبور ٿي سوشل ميڊيا ‘ايڪس’ تي مختصر تحرير ڪيو ته آئيني عدالتون قائم ڪرڻ، ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽ، ججن جي بدلي، اين ايف سي ايوارڊ، آرٽيڪل 243 ۾ ترميم، تعليم، آبادي ۽ منصوبابندي جا کاتا وفاق جي حوالي ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان ترميمون آهن. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ سميت سموري ملڪ جي عوام تي اها مهرباني ڪئي ته هن هڪ مختصر ‘پيغام’ ۾ ملڪ کي هلائيندڙ آئين ۾ ترميمن کان عوام کي آگاهه ڪيو. ساڳي ئي لکڻيءَ ۾ هن ذڪر ڪيو ته 6 نومبر تي پيپلز پارٽي جي سي اي سي (سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي) جي اجلاس ۾ هنن آئيني ترميمن تي غور ويچار ڪيو ويندو. اهو اجلاس به 6 نومبر تي ٿي گذريو ۽ بلاول ڀٽي زرداري صاحب اجلاس جي باري ۾ مختصر پريس ڪانفرنس ڪري سي اي سي جو فيصلو ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم تي حمايت ڪندي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته جنهن آئين تحت هي ملڪ هلي ٿو، ان ۾ سرڪار پنهنجي مرضي واريون ترميمون ڪرڻ چاهي ٿي پر ان جو اصل مسودو بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس دوران ميڊيا اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ان کي عوام کان ڳجهو رکيو ويو. 27هين آئيني ترميم جو اصل مسودو ئي گم آهي، ان کي ظاهر ئي نٿو ڪيو وڃي، اطلاع اهي به آهن ته پيپلز پارٽي جي سي اي سي جي اجلاس ۾ به پارليامينٽ جي ميمبرن کي اصل مسودو نه ڏنو ويو آهي. ان اجلاس ۾ به رسمي طور تي زباني ڪلامي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. امڪاني طرح 27هين آئيني ترميم ۾ جيڪي صوبن جي وحدت ۽ بنيادي انساني حقن خلاف ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن، انهن تي نه بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، نه ئي پيپلز پارٽي جو ڪو ٻيو وزير، مشير ۽ پيپلز پارٽي جو ڪو شاعر، اديب، قلمڪار ۽ صلاحڪار ڳالهائي ٿو. هر طرف خاموشي ۽ چپ آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صاحب حسبِ دستور هدايت ڪئي آهي ته 27هين آئيني ترميم تي پريشان نه ٿيو. ڇهن نون ڪئنالن لاءِ به مراد علي شاهه صاحب چيو هو ته ڪئنال ڪٿي پيا ٺهن؟ هن ڊجيٽل آدمشماري لاءِ به ائين ئي فرمايو ۽ پوءِ سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري آدمشماري جا انگ اکر سي سي آئي ۾ قبول ڪري ان دستاويز تي صحي به ڪري ڇڏي. پيپلز پارٽي جي فيصلي ڪري سنڌ جا صوبائي تڪ گهٽجي ويا. ڪئنال ڪٿي پيا ٺهن؟ وارا بيان ڏيئي خاموشي اختيار ڪئي ۽ پوءِ جڏهن سنڌ جي ماڻهن سنڌو درياهه تي ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ ۾ زبردست احتجاج ڪيا ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪئنالن خلاف قرارداد آندي ويئي، جيڪي ڪئنال صدارتي هائوس ۾ آصف زرداري منظور ڪيا هئا. وقت ثابت ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن تي ڪوبه ڀروسو نه آهي. هي پهرين چوندا ته اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان ڪابه ترميم نه ڪئي ويندي، 18هين آئيني ترميم واپس نه ٿيندي وغيره وغيره پر ان جي حقيقت ڏسجي ته ٻين قانون، آرٽيڪلن ۽ اٽڪل بازين ذريعي صوبن جو وڏو مالياتي حصو ۽ صوبائي خودمختياري ايس آئي ايف سي جي حوالي ٿي وئي آهي. توانائي، زراعت، معدنيات، ٽيڪنالاجي، انفراسٽرڪچر، ٽوئرزم جا کاتا عملي طور تي هن اداري جي حوالي آهن ۽ ٻيا کاتا جيڪي ايس آئي ايف سي جي قيادت جڏهن چاهي ان جي حوالي ٿي ويندا يا انهن ۾ سڌي طرح مداخلت ڪري سگهي ٿي، انهن ادارن جا فنڊ استعمال ڪري سگهي ٿي، اهي سمورا ايس آئي ايف سي جي اداري کي قانوني اختيار مليل آهن ۽ اهو ڪارنامو به پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي قيادت گڏجي سرانجام ڏنو.
مراد علي شاهه يا بلاول ڀٽو زرداري عوام کي ڀنڀلائڻ لاءِ ڪهڙا به بيان ڏين پر پيپلز پارٽي جي قيادت ان ڌر سان بيهندي، جنهن کيس مقرر ڪيو آهي، قيادت تان سمورا ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪري اقتداري ڪرسي تي ويهاريو آهي. آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت طرفان فوري طور تي حمايت ڪئي وئي آهي، پيپلز پارٽي جي قيادت پنهنجي اصل مالڪن کي ناراض نٿي ڪرڻ چاهي. پارلياماني ادارن جو تقدس، آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ هن ملڪ کي وجود ڏيندڙ صوبائي ايڪائين خاص ڪري سنڌ جو وجود پيپلز پارٽي جي قيادت لاءِ ڪابه اهميت نٿا رکن. پيپلز پارٽي جيڪا جمهوريت جي دعويدار آهي، اها 243 آرٽيڪل ۾ ترميمن تي فوري طور تي راضي ٿي وئي آهي. آرٽيڪل 243 مختصر هي آهي ته وفاقي حڪومت کي فوجي، بحري ۽ فضائي قوتن تي ڪنٽرول هوندو. صدر کي سپريم ڪمانڊر جو اختيار آهي، هن کي آرٽيڪل تحت فوج جي مٿين اڳواڻ هجڻ جي آئيني حيثيت آهي. صدر وزير اعظم جي صلاح سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، آرمي چيف، نيول اسٽاف چيف، ائير اسٽاف چيف کي مقرر ڪرڻ جو اختيار آهي. ان آرٽيڪل کي به تبديل ڪيو پيو وڃي. هاڻي جڏهن هڪڙي جمهوري نظام ۾ فوجي طاقت تي پارليامينٽ جو اختيار نه هوندو ته پوءِ اها جمهوري حڪومت ته نه ٿي، ڀلي ان کي ڪرسي خاطر موجوده حڪمران جمهوري حڪومت سڏين پر جمهوريت جي نالي ۾ “مارشل لا پِلس” هوندي. پيپلز پارٽي يا نواز ليگ جي قيادت ڪهڙا به دليل ڏي پر آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪري اختيار فرد واحد جي حوالي ڪيا ويندا. سول حڪمرانن جي اڳ به صورتحال انتهائي خراب آهي، پارليامينٽ تمام گهڻي ڪمزور آهي. جيڪو به لٺ سردار جڏهن به چاهي پنهنجي خواهش موجب انڌي منڊي چونڊيل پارليامينٽ کي ختم ڪري آئين کي ڦاڙي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي ملڪ مٿان مارشل لا مڙهي ڇڏي، کيس ملڪ جو ڪوبه ادارو ڪجهه به نه ڪندو. ان جا مثال يحيى، ايوب خان، جنرل ضياءَ، جنرل مشرف موجود آهن. ان صورتحال جي باوجود پيپلز پارٽي آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي ميدان تي لٿي آهي. 26هين آئيني ترميم پاس ڪرائڻ لاءِ به بلاول ڀٽو ميدان تي هو. 26هين آئيني ترميم جي ڪري عدالتون بي اثر ٿي ويون. هن 27هين آئيني ترميم ۾ وري نئين آئيني عدالت ٺاهڻ لاءِ تجويز آهي. 27هين آئيني ترميم ۾ لڪايل خطرناڪ ترميمون اڃان ظاهر ئي نه ڪيون ويون آهن. ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ، اليڪشن ڪميشن کي فرد واحد جي حوالي ڪرڻ، بلدياتي نظام، سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙو نصاب هجڻ سميت امڪاني طرح ٻيون به ترميون تجويز هيٺ آهن، جن جو بار بار ذميوار صحافي ذڪر ڪن ٿا، جي ذڪر نٿا ڪن ته اهي اقتدار ۾ ويٺل حڪمران آهن، جن کي عوام جو ووٽ، پارليامينٽ، جمهوريت ۽ عدليا جو تقدس پيارو نه آهي پر ڪرسي پياري آهي.