خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

گفتگو _ گفتگو … جدوجهد جي هر ميدان ۾ موجود رهندڙ ڪردار…..نور احمد ڪاتيار

                 اڄ شهيدِ عوام فاضل راهو جي 39هين ورسي آهي. سنڌ جي ناليواري شاعر شيخ اياز لکيو هو ته:

“سمجهو ٿا لوڪو،

راهو مرڻو ناهي،

مري ويو ٻيو ڪو!”

                 وقت ثابت ڪيو ته راڄن راڻو،  شهيد فاضل راهو مرڻ وارن مان نه هو. هو زندهه آهي. سنڌ جي شعور ۾ ۽ پورهيت عوام جي هر جدوجهد ۾. شهيد فاضل راهو سنڌ جو اهو هيرو هو، جنهن پنهنجي زندگي جي آخري گهڙين تائين مارو ماڻهن، پورهيتن، هارين، مزدورن، مسڪينن ۽ مظلوم طبقن لاءِ جدوجهد ڪئي. حقيقي جمهوريت جي بحالي، عدليا ۽ ميڊيا جي آزادي لاءِ تحريڪن ۾ اڳوڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. هو رڳو نعرا هڻندڙ نه پر جدوجهد جي هر ميدان ۾ موجود رهندڙ ڪردار هو. شهيد عوام فاضل راهو کي جيڪڏهن دودو سومرو، هوشو، هيمون ڪالاڻي، دولهه درياهه خان ۽ شهيد شاهه عنايت جهڙن تاريخي هيرن جو تسلسل چيو وڃي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. جن سامراج ۽ ظلم خلاف سر ڏنا، فاضل راهو ان ئي روايت کي زنده رکيو.

شهيد فاضل راهو پنهنجي ڌرتي ۽ پورهيت عوام سان استاد بخاري جي ٻولي ۾ اهو وچن ڪيو هو ته:

“آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهو کي

پر ائين نه مرنداسين ساٿي

ڪا آگ لڳائي وينداسين

ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.”

فاضل راهو پنهنجي رت سان ان کي سچ ڪري ڏيکاريو. محترم رسول بخش پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو ٻين عوام دوست ڪارڪنن سان گڏجي سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد رکيو. سنڌ سدائين عالمي سامراج ۽ ان جي پاليل مقامي دلالن جي نشاني تي رهي آهي. جيڪو به پنهنجي ڌرتي، وسيلن ۽ پورهيت عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري ٿو، ان کي جبر، تشدد ۽ ڏاڍ ذريعي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

رسول بخش پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو گڏجي عالمي سامراج جي ايجنٽ جنرل ضياءَ الحق جي ڇتي مارشل لا کي للڪاريو. 1979ع ۾ راهوڪي ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ هارين جو تمام وڏو عام جلسو ڪيو ويو. ان جلسي مان “جنرل ضياءَ گيٽ آئوٽ” جو نعرو گونجيو، جيڪو آمريت تي سڌو وار هو. ان للڪار جي سزا طور جنرل ضياءَ، رسول بخش پليجي صاحب کي مسلسل جيلن ۾ وڌو. شهيد فاضل راهو سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جيلن، تشدد ۽ اذيتن مان گذاريو ويو، ڪوڙا هنيا ويا پر تحريڪ جئين پوءِ تئين تيز ٿيندي ويئي.

جي لوڻ لڱين لائيين، چِيري چِيري چم،

مون ڪر اڳي نه ڪِيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،

جان جان دعوا دم، تان تان پِرتِ پنوهار سِين. (شاھ)

ان ئي دور ۾ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ، ايم آر ڊي کي سگهارو ڪيو ويو. عوامي تحريڪ ۽ ان جي برادر تنظيم سنڌي هاري تحريڪ جي ڪارڪنن صحافين جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. اڻپڙهيل هارين صحافي بڻجي گرفتاريون ڏنيون. هي سنڌ جي جدوجهد جي تاريخ جو نرالو باب هو.

محترم رسول بخش پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو پنهنجي خاندانن جي ڀاتين، خاص ڪري عورتن ۾ سياسي ڪم ڪيو. پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل صاحب جي خاندان جي ڀينرن گرفتاريون ڏنيون. سالن جا سال جيلن ۾ قيد ۾ رهيون. محترم رسول بخش پليجي صاحب سنڌياڻي تحريڪ کي ميدان ۾ آندو، ٻهراڙي جي پٺتي پيل عورتن کي سياست ڪرڻ سيکاريو  ۽ انهن کي اڳين صفن ۾ آندو.

جنرل ايوب ۽ جنرل يحييٰ جي دورن ۾ ووٽر لسٽن کي سنڌي ٻولي ۾ ڇپرائڻ ۽ ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ تحريڪ هلائي وئي. پروفيسر عبدﷲ ملاح پنهنجي ڪتاب “جنهن دنگ ڀڳا ديوارن جا” ۾ لکي ٿو ته، 1969ع ۾ ايوب خان کان پوءِ يحييٰ خان اقتدار ۾ اچي خطرناڪ سازشون ڪيون. ايوب خان ون يونٽ ٺاهي سنڌ کي نيلام ڪيو ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرائڻ کان انڪار ڪيو. ان تڪبر کي ٽوڙڻ لاءِ رسول بخش پليجي جي اڳواڻي ۾ فاضل راهو ۽ ٻين محب وطن ڪارڪنن 8 نومبر 1969ع تي ووٽر لسٽن کي سنڌي ۾ ڇپرائڻ ۽ ون يونٽ ٽوڙڻ جي تحريڪ جي شروعات ڪئي (صفحو 53) 70ع جي ڏهاڪي ۾ “نيلام بند ڪريو” تحريڪ هلائي وئي.

4  مارچ جي تاريخي جدوجهد ۾ به شهيد فاضل راهو اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. عبدﷲ ملاح پنهنجي ڪتاب ۾ اکين ڏٺي شاهد رفيق صفي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، شاگردن جي گرفتاري کان پوءِ مايوسي واري ماحول ۾ رسول بخش پليجي، فاضل راهو ۽ شاهنواز خان جوڻيجي اڳتي اچي شاگردن کي دلاسا ڏنا. فاضل راهو ۽ شاهنواز جوڻيجو 200 شاگردن جا ضامن بڻيا ۽ رسول بخش پليجي وڪالت ڪئي، جنهن سان شاگرد آزاد ٿيا. 4  مارچ کان پوءِ فاضل راهو بدين مان ماڻهن جون ٻه گاڏيون ڀري حيدرآباد آيو، جتي مسرور حسن ۽ ايوب خلاف نعرا هنيا ويا ۽ لاٺي چارج خلاف مزاحمت ڪئي وئي.

17جنوري 1987ع تي شهيد فاضل راهو کي سوچي سمجهي ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪيو ويو. هو سياست جي ميدان ۾ سنڌي قوم جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو رهيو ۽ ساهه جي آخري گهڙين تائين پنهنجي پارٽي، نظريي، قوم ۽ ڌرتيءَ لاءِ وڙهندو رهيو.

ساڳئي ڪتاب ۾ عبدﷲ ملاح مسعود نوراني جي مضمون جو حوالو ڏئي ٿو، جنهن ۾ لکي ٿو ته ٻوليءَ وارن هنگامن دوران جڏهن حيدرآباد جا مهاجر شاگرد، نواب مظفر جا غنڊا ۽ ٻيا سنڌ يونيورسٽي تي حملو ڪرڻ لاءِ نڪتا ته فاضل راهو رائيفل کڻي سنڌ يونيورسٽي جي ڪينٽين جي ڇت تي چڙهي حملو ڪندڙن تي فائرنگ ڪئي ۽ سندن حملو ناڪام ڪيو (صفحو 51، 52)

رسول بخش پليجي صاحب 27 فيبروري 1987ع ۾ راهوڪي ۾ شهيد فاضل راهو جي چاليهي جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته، ”فاضل تعبير هو اسان جي انهن سمورن حسين خوابن جو، جيڪي اسان جي شاعرن ڏٺا. فاضل روپ هو انهن سمورين تمنائن ۽ تخيلن جو، جيڪي اسان جو عوام صدين کان دل ۾ سانڍيندو آيو آهي. آئون تاريخ جو شاگرد رهيو آهيان. مون ٿوري گهڻي تاريخ پڙهي آهي. سنڌ جي تاريخ پڙهي اٿم. لطيف جيڪي پنهنجن سورمن جون وصفون بيان ڪيون آهن، اُهي مون کي هڪڙي ماڻهوءَ ۾ نظر آيون آهن ۽ ان جو نالو آهي محمد فاضل راهو.“

عُمِرِ سَڀِ عِشقَ سِين، پُنهون جي پُڇن،

رِيسَ ريزالِيُون تن سِين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ؟

مارَڳِ جي مَرَنِ، وڏو طالِعُ تن جو. (شاھ)

فاضل جي واٽ، گس ۽ جدوجهد اڄ به اسان کي سڏي پئي، جيڪڏهن فاضل سان محبت آهي ته ان جي واٽ وٺڻي پوندي. ڪوڙ، مڪاري، منافقت ۽ ٺڳي جو ٺاہ ڪندڙن، جمهوريت ۽ عوام عوام جا ڪوڙا نعرا هڻندڙ کي نه رڳو وائکو ڪرڻو پوندو پر انهن کي بدترين شڪست ڏيڻي پوندي. جيئن شهيد فاضل راهو مارشلائن سان مقابلا ڪيا، آمرن کي شڪست ڏني.

 [email protected]