3 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ “جمهوريت، قومي حقن ۽ آمريت” جي عنوان تحت پاپولر ليفٽ الائنس پاران مختلف جمهوريت پسند، وطن دوست، روشن خيال، قومپرست سياسي، سماجي، ادبي تنظيمن ۽ مزدور يونين جي ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. پاپولر ليفٽ الائنس 18 جون 2022ع ۾ جوڙيو ويو هو، هن ليفٽ الائنس ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ (خالق جوڻيجو)، عوامي جمهوري پارٽي، پاڪستان انقلابي پارٽي، مزدور ڪسان پارٽي (تيمور الرحمان)، گلگت بچايو تحريڪ، جمون ڪشمير پيپلز نيشنل پارٽي، نيشنل پارٽي (مالڪ بلوچ)، عوامي ورڪرز پارٽي گلگت بلتستان شامل آهن. هي سياسي ڌريون پنهنجي پنهنجي طور تي سياسي سرگرميون ڪنديون رهن ٿيون ۽ گڏيل به ڪن ٿيون. ان سلسلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪرائڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ جيئن ئي پريس ڪلب جو هال بڪ ڪرايو ته روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پريس ڪلب جي انتظاميا تي دٻاءُ وڌو ويو ته پريس ڪلب جو هال ڪئنسل ڪيو وڃي پر پريس ڪلب جي انتظاميا ۽ ذميوار صحافين ائين نه ڪيو. ڪانفرنس واري ڏينهن پريس ڪلب تي وڏي تعداد ۾ پوليس موجود هئي، ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ ڪامريڊ حسين فاطمي، ڪامريڊ رمضان، شاهينه رمضان، ڊاڪٽر حسن ناصر سميت ٽن ٻين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪجهه قيادت پريس ڪلب ۾ داخل ٿي ويئي ۽ پوءِ ڪانفرنس ۾ مختلف ڌرين پنهنجو پنهنجو موقف رکيو.
حقيقت اها آهي ته ملڪ ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويو آهي. وڏي عرصي تائين ملڪ ۾ حڪومت آمرن ڪئي آهي. هاڻي واري جمهوريت جي صورتحال اها آهي، جنهن جي باري ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته جمهوريت بهترين انتقام آهي ۽ ميان نواز شريف ۽ مريم نواز “ووٽ ڪو عزت دو” جا نعرا هڻي حڪومت ورتي آهي پر هن جمهوريت ۾ ڳالهائڻ تي مڪمل بندش آهي. توهان ڪنهن پريس ڪلب جي اندر هال ۾ ويهي اها ڳالهه به نٿا ڪري سگهو ته جنرل ايوب، جنرل ضياءِ، جنرل مشرف آئين ٽوڙيو، جمهوريتن تي راتاهو هنيو. توهان پنهنجن وسيلن جي مالڪي جي ڳالهه نٿا ڪري سگهون. آئين، انصاف، عدليا ۽ ميڊيا جي آزادي جي ڳالهه نٿا ڪري سگهو. پيڪا ايڪٽ، 26هين، 27هين آئيني ترميم تي ڳالهائڻ تي بندش آهي. 18هين آئيني ترميم باوجود وفاق زبردستي پاڻ وٽ اختيار رکيا آهن، سنڌ جي پاڻي تي مسلسل ڌاڙن جو سلسلو جاري آهي. صوبن جي تيل، ڪوئلي، گئس ۽ ٻي معدنيا تي وفاق جو قبضو آهي، ان تي ڳالهائڻ جي بندش آهي. چون ٿا ته ايس آئي ايف سي جو ذڪر نه ڪريو، جنهن ذريعي 18هين آئيني ترميم عملن ختم ٿي چڪي آهي. قومن جا وسيلا سڌي طرح ايس آئي ايف سي جي حوالي ٿي ويا آهن. ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جا مطالبا ڪندڙ دهشتگردن خلاف نه ڳالهايو. پنهنجي وحدت، ٻولي، وسيلن جي مالڪي، ڪينجهر، ڪارونجهر، هاليجي، ڪوهستان، ڀنڀور، گورک، چولستان سميت ٻين قومي، ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن مڪانن جي ڳالهه نه ڪريو. اها بندش هن وقت ڪنهن آمر نه وڌي آهي پر اها بندش بلاول ڀٽو زرداري ۽ ميان شهباز شريف ۽ مريم نواز جي جمهوري دور ۾ آهي. ڪراچي ۾ جمهوريت، قومي حقن ۽ آمرن خلاف فقط ڪانفرنس ڪئي ويئي ٿي ته سنڌ جي جمهوري سرڪار پاڻي کان اڳ ۾ ئي ڪپڙا لاهي بي لباس ٿي بيهي رهي ٿي. ٻين ڪارڪنن سان گڏ وڏي عمر جي سينيئر سياسي ڪارڪن شاهينه رمضان کي کنڀي پوليس موبائلن ۾ اڇلايو وڃي ٿو. هنن جمهوري حڪمرانن ڪڏهن ملڪ جو آئين ٽوڙيندڙن کي ائين پوليس هٿان کنڀائي جيلن جي حوالي نه ڪيو پر تاريخ شاهد آهي ته آئين ٽوڙيندڙ جنرل پرويز مشرف کي جمهوريت بهترين انتقام جون دعوائون ڪندڙن گارڊ آف آرنر ڏنو.
هن وقت جيڪا جمهوريت جي صورتحال آهي، اها ڪنهن آمريت کان گهٽ نه آهي. هن ڪانفرنس ۾ گڏيل قراردادون پيش ڪيون ويون، جن ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ غير جمهوري ادارن جي سياست ۽ رياستي معاملن ۾ مداخلت مڪمل طور ختم ڪئي وڃي. ملڪ کي گهڻ قومي رياست قرار ڏئي، سڀني قومي وحدتن کي برابر حيثيت ڏني وڃي، کين پنهنجن وسيلن تي مڪمل اختيار ڏئي سندن حق حڪمراني تسليم ڪيو وڃي. وفاق وٽ رڳو اهي اختيار هجن، جن تي وفاقي وحدتن جون چونڊيل اسيمبليون متفق ٿين. يعني اختيارن جي منتقلي وفاق کان صوبن ڏانهن ڪرڻ بدران، صوبن کان وفاق ڏانهن اختيار ڏيڻ جو طريقو اختيار ڪيو وڃي. انتظامي بنيادن تي قومي وحدتن کي ٽوڙي نوان صوبا ٺاهڻ جون ڪوششون ختم ڪيون وڃن. وفاق کي سيڪيولر بنيادن تي سڀني شهرين کي برابر حيثيت، برابر حق ۽ برابر تحفظ مهيا ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي. گذريل پنجن سالن دوران آئين ۾ ڪيل سڀ تبديليون، خاص طور تي پيڪا قانون، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمون، مائيننگ اينڊ منرل ايڪٽ، گرين ٽوئرزم، ايس آءِ ايف سي ۽ ان جي تحت ٺاهيل سڀ ادارا، ڪيل سڀ فيصلا ۽ شروع ڪيل سڀ منصوبا مڪمل طور ختم ڪيا وڃن. ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن لاءِ سڄي ملڪ ۾ مخصوص ڪيل لکين ايڪڙ زمينن جا نوٽيفڪيشن واپس ورتا وڃن ۽ اهي سڀ زمينون مقامي بي زمين هارين ۽ هارياڻين ۾ ورهايون وڃن. شهرين کي اغوا ڪري گم ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، سڀني گم ڪيل شهرين کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ هر شهري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. فورتھ شيڊول، ڊيٿ اسڪواڊ ۽ سي ٽي ڊي ختم ڪيا وڃن. ايمان مزاري، هادي چٺا، ڊاڪٽر ماهرنگ، علي وزير، ادريس خٽڪ، ڊاڪٽر ياسمين راشد، گلگت بلتستان جي شاڪر قراقرمي، نصرت حسين، ڪشمير جي صحافي سهراب برڪت سميت سڄي ملڪ مان گرفتار ڪيل سڀ سياسي قيدي، ملازم، محنت ڪش ۽ استاد فوري طور آزاد ڪيا وڃن. سالار فياض علي، شبير مايار ۽ ٻين تي قائم ڪوڙا ڪيس واپس ورتا وڃن. زرعي سڌارا آڻي اضافي زمينون ۽ سموري سرڪاري زمين مقامي بي زمينون هارين ۾ ورهايون وڃن. مهانگائي ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ رياست جي انتظامي خرچن، خاص طور آفيسر شاهي لاءِ مخصوص بجيٽ مان 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ تعليم ۽ صحت جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي. حڪمرانن جا صوابديدي فنڊ ختم ڪيا وڃن. بجلي، گئس، پيٽروليم شين ۽ توانائي جي سڀني ذريعن جي قيمتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي. نجڪاري ۽ آئوٽ سورسنگ جو سلسلو مڪمل طور ختم ڪري اڳ ۾ خانگي بڻايل سڀ ادارا ملڪي ماهرن، تجربيڪار ملازمن ۽ مقامي افرادي قوت وسيلي هلائڻ جو رستو اختيار ڪيو وڃي. شاگرد يونينون بحال ڪيون وڃن ۽ سڀني صنعتي ادارن، پبلڪ يوٽيلٽيز سميت، ملازمن ۽ محنت ڪشن جي نمائندگي لاءِ چونڊون ڪرايون وڃن. مزدورن ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ مهانگائي جي تناسب سان اضافو ڪيو وڃي. زراعت کي تباهي کان بچائڻ لاءِ سپورٽ پرائس مقرر ڪئي وڃي ۽ مهانگائي روڪڻ لاءِ خوراڪ تي سبسڊي ڏني وڃي. ڪانفرنس گل پلازا جي تازي واقعي ۾ متاثر ٿيل سڀني خاندانن سان ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ حادثن ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن دل ڏکوئيندڙ واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سڀ ضروري حفاظتي انتظام يقيني بڻايا وڃن.
جمهوري قوتن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ملڪ ۽ ملحق رياستن جي پريس ڪلبن تي رياستي ادارن طرفان وڌندڙ دٻاءَ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته صحافين ۽ پريس ڪلبن کي هراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي. ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي وينزويلا ۾ اختيار ڪيل سامراجي غنڊه گردي ۽ ايران تي حملي جي تيارين جي پڻ سختي سان مذمت ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته آمريڪا جي انھن عملن جي خلاف اسٽينڊ وٺي. هي اهي گڏيل مطالبا آهن، جن کان موجوده جمهوري حڪمران خوفزده آهن ۽ ڪانفرنس کي روڪڻ لاءِ مختلف هٿڪنڊا استعمال ڪيا ويا.