گلاب لغاري ويجهو ملاکڙو غلام مصطفيٰ نارو کٽي ورتو

گلاب لغاري ويجهو ملاکڙو غلام مصطفيٰ نارو کٽي ورتو

گلاب لغاري (ن پ ا ) گلاب لغاري جي ڳوٺ ماڻڪ لغاري ويجهو جاري نمائشي ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ميلي دوران سنڌ جي ثقافتي راند  ملھ جي فائنل مقابلن ۾ پهرين جوڙ ۾ غلام مصطفا نارو  ٻي جوڙ ۾ ڪولر زرداري ۽ ٽئين جوڙ ۾ صدام پهنور  پنهنجي حريف پهلوابن کي وارا چانٺا ٻلهڻو آندريا پٺا گهمريون پاسا گهيچن سميت مله راند جا مختلف ٻيا داء استعمال ڪري سوڀارا ٿي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪندي خوب داد ۽ نقعد انعام حاصل ڪيا ميلي مالڪ ابير احمد سريوال مله ايسوسيئشن سنڌ جي سرپرست اعليٰ محبوب سريوال تنوير احمد سريوال پاران  فائنل کٽيندڙ پهلوانن کي ونر ٽرافين سان گڏ ڪيش انعامن سان پڻ نوازيو ويو جڏهن ته  ايم پي اي ڏاڏا حاجي محمد ھاليپوٽو  شھزاد احمد ھاليپوٽو محمد صالح ھاليپوٽو  خان محمد ھاليپوٽو حاجي جاويد جھيجو ۽ ٻين جي مشھور گھوڙن ڊوڙ ۾ حصو ورتو ميلي مالڪ رئيس ابير احمد سريوال  تنوير احمد سريوال يوسي ماڻڪ لغاري چيئرمين تيمور سريوال ۽ سيٺ غلامـ نبي لغاري پاران گھوڙي مالڪن کي لونگين ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا