| گلشن حديد ۾ لکين رپيا ڦر، ف ليگ اڳواڻ جي پٽ تي به فائرنگ |
ملير (رپورٽر) گلشن حديد ويجهو قومي شاهراهه تي اڻڄاتل هٿياربندن لنڪ روڊ جي ٺيڪيدار جي ملازمن کي هٿياربندن روڪي 3 لک رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪئي ۽ سامهون ايندڙ فنڪشنل ليگ اڳواڻ ايڊوڪيٽ فقير عبدالقادر شر جو پٽ ايڊوڪيٽ عبدالوحيد شر جي گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري مٿن سڌي فائرنگ ڪئي فائرنگ جي نتيجي ۾ ايڊوڪيٽ عبدالوحيد معجزاڻي طور تي بچي ويو جڏهن ته سندس ويگو گاڏي کي گولين سبب نقصان رسيو، ان سلسلي ۾ ايڊوڪيٽ عبدالقادر شر ميڊيا کي ٻڌايو ته قومي شاهراهه لڳ ٺهندڙ زير تعمير اسپتال لڳ واقعو پيش آيو جنهن ۾ ڦورن پاران کيس بيهڻ جو اشارو ڪيو جنهن جي ن بيهڻ تي سندسس گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هو معجزاڻي طور محفوظ رهيو ۽ گاڏي تي 6 کان وڌيڪ گوليون لڳيون، ٻئي طرف اسٽيل ٽائون پوليس موجب ڦورو رستي ويندڙ گاڏين کان ڦر ڪري رهيا هئا جنهن ۾ نجي ڪمپني ايل آر سي جي ملازمن جي گاڏي کي هٿيارن ذريعي روڪي 3 لک رپيا ڦري ويا جڏهن ته ايڊوڪيٽ عبدالقادر شر جي گاڏي مٿان به فائرنگ ڪئي، ٻنهي ڌرين پاران اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي فرياد تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، اسٽيل ٽائون پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.