گلن جهڙن غريب ٻارڙن هاشم رڏ ۽ عبدالله ٻرڙو کي مسيحا جي ڳولا

جُون 2, 2023

سجاول جوڻيجو/ قمبر(رپورٽ: عبدالنبي ڀٽي+رحيم منگي) سنڌ جي ٻن پٺتي پيل ڳوٺن جا 2 معصوم غريب ٻارڙا هاشم رڏ ۽ عبدالله ٻرڙو خوفناڪ بيماري سبب بستري تي داخل ٿيل آهن کين علاج لاءِ مسيحا جي ڳولا آهي

سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ چاڪر سلطان واسي پورهيت دوست محمد رڏ جو هڪ سال جو معصوم پٽ هاشم رڏ ڪجھه مھينن کان پٺي ۾ ڳوڙهو ٿيڻ سبب بيماري جي بستري تي پيل آهي

وارثن جو چوڻ آهي ته  لاڙڪاڻي جي مختلف اسپتالن مان علاج ڪرائڻ باوجود هن جي طبيعت ۾ سڌارو ناهي اچي سگھيو هن وقت معصوم نينگر جي حالت تمام خراب هئڻ سبب پريشان آهيون

والد دوست محمد رڏ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته غريب مسڪين پورهيت آهيان پورهيو ڪري ٻچڙن جو پيٽ پاليندو آهيان معصوم پٽ جو علاج لاڙڪاڻي جي سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن مان ڪرايو آهي پر طبيعت ۾ سڌارو اچي ناهي سگھيو

هن ٻڌايو ته  ڊاڪٽرن پاران آپريشن لاءِ مشور ڏنو آهي غريب مسڪين آهيان گھر جو الھه تلھه وڪڻي ٻچي جو علاج ڪرايو هن وقت آپريشن لاءِ وصيعت ناهي

دوست محمد رڏ  حڪومت ۽  وس وارا منهنجي ٻچي جي علاج ۾ خداڪارڻ مدد ڪن منهنجي ٻار جي زندگي بچائي انساني ھمدردي جو ناتو سمجهو وڃي

ٻئي طرف قمبر جي ڳوٺ لڪٽئا جو رهواسي پورهيت اياز ٻرڙو ۽ سندس گهرواري  5 ورهين جي معصوم بيمار پٽ عبدالله کي ساڻ ڪري صحافين وٽ پهچي ويا

معصوم عبدالله جي والدين چيو ته اک ۾ سور جي تڪليف ٿيڻ بعد پٽ کي علاج لاءِ قمبر ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ڏانهن کڻي وياسين ڊاڪٽرن علاج لاءِ ڪراچي وڃڻ جو چيو

هنن ٻڌايو ته غريب هئڻ ڪري اوڏانهن وڃي نه سگهياسين 4 مهينا اڳ اک مان پاڻي وهي ڳوڙھي جي صورتحال اختيار ڪري ويو آهي معصوم سور سبب اذيت ۾ مبتلا آھي

پورهيت اياز ٻرڙي ٻڌايو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب گهر ڊھي پيا آهن چوپايو مال مري ويو هيئنر علاج جي وصيت ناهي 2 ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آھيون ته ڪراچي مان پٽ جو علاج ڪيئن ڪرايون

 هنن سنڌ سرڪار، صحت کاتي، ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته معصوم پٽ جي علاج ۾ مدد ڪري سندس حياتي بچائي وڃي

Leave A Comment