گلن جهڙي غريب ٻارڙي هاشم رڏ کي مسيحا جي ڳولا

جُون 2, 2023

سجاول(رپورٽ: عبدالنبي ڀٽي) سجاول جوڻيجو ويجهو ڳوٺ سلطان چاڪر جو معصوم خوبصورت ٻارڙ هاشم رڏ بيماري جي بستري تي داخل آهي مائٽ غريب هجڻ سبب معصوم ٻارڙو زندگي ۽ موت جي جنگ ۾ مسيحا کي ڳولي رهيو آهي

ڳوٺ چاڪر سلطان واسي پورهيت دوست محمد رڏ جو هڪ سال جو معصوم پٽ هاشم رڏ ڪجھه مھينن کان پٺي ۾ ڳوڙهو ٿيڻ سبب بيماري جي بستري تي پيل آهي

وارثن جو چوڻ آهي ته  لاڙڪاڻي جي مختلف اسپتالن مان علاج ڪرائڻ باوجود هن جي طبيعت ۾ سڌارو ناهي اچي سگھيو هن وقت معصوم نينگر جي حالت تمام خراب هئڻ سبب پريشان آهيون

والد دوست محمد رڏ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته غريب مسڪين پورهيت آهيان پورهيو ڪري ٻچڙن جو پيٽ پاليندو آهيان معصوم پٽ جو علاج لاڙڪاڻي جي سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن مان ڪرايو آهي پر طبيعت ۾ سڌارو اچي ناهي سگھيو

هن ٻڌايو ته  ڊاڪٽرن پاران آپريشن لاءِ مشور ڏنو آهي غريب مسڪين آهيان گھر جو الھه تلھه وڪڻي ٻچي جو علاج ڪرايو هن وقت آپريشن لاءِ وصيعت ناهي

دوست محمد رڏ  حڪومت ۽  وس وارا منهنجي ٻچي جي علاج ۾ خداڪارڻ مدد ڪن منهنجي ٻار جي زندگي بچائي انساني ھمدردي جو ناتو سمجهو وڃي

Leave A Comment