| گلوڪار جي مٺي اداڪاره جي جوڙي ٽوڙائي ڇڏي |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) گلوڪار جي مٺي اداڪاره جي جوڙي ٽوڙائي ڇڏي، ان ڏس ۾ اداڪاره تاره ستاريا ۽ بزنيس ٽائيڪون ۽ اداڪار وير پهاڙيا خاموشي سان پنهنجو تعلق ختم ڪري ڇڏيو آهي، اها خبر اداڪاره تاره ۽ گلوڪار اي پي ڍلون جي ممبئي ڪنسرٽ ۾ پيش آيل واقعي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سامهون آئي، وائرل ٿيل وڊيو ڪلپ ۾ گلوڪار اي پي ڍلون اداڪاره تاره کي نه رڳو ڀاڪر پاتو پر ڳل تي مٺي به ڏني جنهن تان سوشل ميڊيا تي گوڙ ٿي ويو، هن وقت تائين تاره ۽ وير پهاڙيا باضابطه طور تي عليحدگي جي تصديق نه ڪئي آهي پر ميڊيا دعويٰ ڪري رهي آهي ته جوڙي ۾ عليحدگي ٿي وئي آهي. واضح رهي ته پهاڙيا جو والد مهاراشٽر جو وزيراعليٰ رهي چڪو آهي.