| گلوڪار علي ظفر پاران عيد تي گوڏ پاتل وڊيو شيئر |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان جي عالمي شهرت يافته ڳائڻي ۽ اداڪار علي ظفر عيد تي گوڏ پائي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن تي تنقيد ٿي رهي آهي سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي علي ظفر عيد جي موقعي تي هڪ اهم پيغام سان هڪ مختصر وڊيو شيئر ڪئي. علي ظفر جا انسٽا گرام تي 6 ملين کان وڌيڪ فالوورز آهن، علي ٻوٽن کي پاڻي ڏيندي اها وڊيو شيئر ڪئي. انهي سان گڏ هن وڊيو جي ڪيپشن ۾ پنهنجن مداحن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ لکيو ته ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ نه وساريو. عيد جي موقعي تي شيئر ڪيل مختصر وڊيو ۾ علي ظفر گلابي رنگ جي ڪڙتي سان گڏ لاچا / گوڏ پاتي هئي