گليشيئر پگهرڻ شروع ٿي ويا: درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي واڌ

گليشيئر پگهرڻ شروع ٿي ويا: درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلند پهاڙي علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ سبب گليشيئر پگهرڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن سان ملڪ جي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي سطح ۾ آهستي آهستي بهتري اچي رهي آهي. اختيارين موجب تربيلا وٽ درياهه سنڌ ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 26 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ اخراج هڪ لک 50 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. منگلا وٽ درياهه جهلم ۾ پاڻي جي آمد 37 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ اخراج 38 هزار 700 ڪيوسڪ آهي. چشمه بئراج تي پاڻي جي آمد 2 لک 5 هزار ڪيوسڪ ۽ اخراج 2 لک 3 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته هيڊ مرالا وٽ درياهه چناب ۾ پاڻي جي آمد 63 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ اخراج 36 هزار 900 ڪيوسڪ آهي. نوشهره وٽ درياهه ڪابل ۾ پاڻي جي آمد ۽ اخراج 48 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اختيارين موجب ٽن وڏن پاڻي ذخيرن ۾ استعمال لائق پاڻي جو گڏيل ذخيرو 34 لک 3 هزار ايڪڙ فٽ ٿي ويو آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1453.07 فٽ ۽ ذخيرو 11 لک 11 هزار ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ پاڻي جي سطح 1162.85 فٽ ۽ ذخيرو 22 لک 43 هزار ايڪڙ فٽ، جڏهن ته چشمه ريزروائر ۾ پاڻي جي سطح 641.30 فٽ ۽ ذخيرو 49 هزار ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پاڻي بابت اختيارين جو چوڻ آهي ته امڪاني مون سون برساتن سبب دريائن ۾ پاڻي جي آمد، اخراج ۽ آبي ذخيرن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.