| گليڊي ايٽرز جي جھانداد خان تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ايچ بي ايل پي ايس ايل 11 جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي جهانداد خان تي مئچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. جهانداد خان راولپنڊيز خلاف ميچ ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي شق 2.5 جي خلاف ورزي ڪئي. مئچ ريفري جهانداد خان تي ڏنڊ لاڳو ڪيو. ياد رهي ته جهانداد خان سعد مسعود جي وڪيٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ نامناسب انداز ۾ جشن ملهايو هو.