گليڊي ايٽرز جي پرڏيهي رانديگرن جي گالف ۽ ٽينس ۾ دلچسپي

گليڊي ايٽرز جي پرڏيهي رانديگرن جي گالف ۽ ٽينس ۾ دلچسپي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل 11 ۾ راولپنڊي پينڊيز کي شڪست ڏيڻ بعد ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي غير ملڪي رانديگرن، جن ۾ ريلي روسو، بين ميڪڊرموٽ ۽ ٻيا شامل هئا، ڪراچي گالف ڪلب ۾ تفريحي ڏينهن گذاريو. انهن رانديگرن ٽينس به کيڏي. ڪوئيٽا جي ٽيم پنهنجي ايندڙ ميچ 15 اپريل تي پشاور زلمي خلاف کيڏندي.