گلگت بلتستان جو وڏو وزير ساٿين سميت اسلام آباد ۾ نظربند

مَي 11, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد کي اسلام آباد جي جي بي هائوس ۾ نظربند ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب گلگت بلتستان جي وڏي وزير کي امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جي بي هائوس ۾ نظربند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جي بي هائوس ٻاهران رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد جي چرپر تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته گهرو وزير شمس لون، قانون وارو وزير سهيل عباس ۽ ٻيا ڪابينا ميمبر به وڏي وزير سان گڏ آهن.

Leave A Comment