گلگت بلتستان کي عارضي صوبو بڻائڻ جي قرارداد منظور

گلگت بلتستان کي عارضي صوبو بڻائڻ جي قرارداد منظور

گلگت (م ڊ) گلگت بلتستان کي عبوري صوبائي حيثيت ڏيڻ بابت هڪ گڏيل قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي آهي. گلگت بلتستان اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ڪفايت الرحمان جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ اسيمبلي ميمبر سيد جلال شاهه هڪ قرارداد پيش ڪئي، جنهن تي حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪيترن ئي ميمبرن صحيون ڪيون. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته گلگت بلتستان کي آئيني ترميم ذريعي عبوري صوبو بڻايو وڃي، جنهن ۾ پاڪستان جي ٻين صوبن جي برابر آئيني، سياسي ۽ جمهوري حق فراهم ڪيا وڃن ۽ قومي سطح تي اثرائتي نمائندگي ڏني وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته عبوري صوبائي حيثيت ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي متاثر نه ڪندي ۽ نه ئي اهو گڏيل قومن جي قراردادن سان ٽڪراءُ وارو قدم هوندو. قرارداد ۾ وفاقي حڪومت کي آئيني، قانوني ۽ انتظامي قدم کڻڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي ۽ گلگت بلتستان لاءِ اين ايف سي ايوارڊ مان حصو ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. قرارداد گلگت بلتستان جي ماڻهن لاءِ قومي وسيلن جي منصفانه حصي جي پڻ حمايت ڪري ٿي. ايوان متفقه طور تي گلگت بلتستان کي عبوري صوبائي حيثيت ڏيڻ جي گڏيل قرارداد منظور ڪئي.